Book Name:Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat
الرحمٰن رضوي دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه پنهنجي عاجزي ڀريل جملن سان اميرِ اهلِ سنّت سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪندي فرمايو: مان گنهگار ۽ مولانا الياس قادري صاحب سراپا نيڪوڪار! * حضرت شمسُ الهُديٰ مصباحي دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه فرمائن ٿا: جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته مبالغو نه ٿيندو ته فيضِ رضا جو نالو آهي: عطّار.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان اميرِ اهلِ سنّت مولانا محمد الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جي علماءِ اهلِ سنّت سان محبت ۽ انهن بزرگن جي اميرِ اهلِ سنّت سان محبت جا چند واقعا ٻڌا. الله پاڪ اسان کي به انهن مبارڪ هستين جي صدقي اهلِ علم جي محبت نصيب فرمائي. اچو! اهلِ علم جي محبت ڪيئن حاصل ڪجي؟ ان حوالي سان چند ڳالهيون پيش ڪيان ٿو:
تمام آسان آهي! * جيڪي ماڻهو علماء جا محب آهن انهن جي صحبت اختيار ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! علماء جي محبت حاصل ٿيندي * هر هفتي هفتيوار مدني مذاڪرو پابنديءَ سان ڏسڻ جي ترڪيب ڪيو. امير اهل سنت مولانا محمد الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه مدني مذاڪري دوران علماءِ ڪرام ۽ مفتيانِ ڪرام کي پاڻ سان گڏ ويهاريندا آهن، جنهن سان ڏسندڙن کي انهن جي مقام ۽ مرتبي جو اندازو ٿيندو آهي ۽ دل ۾ انهن جي محبت پيدا ٿيندي آهي * مڪتبة المدينہ جو شايع ڪيل ڪتاب: احياء العلوم مترجم، جلد 1 جو مطالعو ڪيو! * اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي والد محترم حضرت مولانا مفتي نقي علي خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو تمام پيارو رسالو آهي: فَضْلُ الْعِلْمِ وَ الْعُلَمَا يعني فيضانِ علم ۽ علماء پڙهو! * مڪتبة المدينہ جو هڪ ٻيو رسالو آهي: علم ۽ علماء جو شان ان کي پڙهو! * عاشقان رسول سان گڏ قافلن ۾ سفر ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! الله