Book Name:Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat
ہم کو اے عطار سنی عالموں سے پیار ہے اِنْ شَاءَ اللہ دو جہاں میں اپنا بیڑا پار ہے
ان جو ڪهڙو سبب آهي جو پاڻ دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه علماءِ ڪرام سان ايتري قدر محبت فرمائن ٿا ۽ انهن جي عزت ۽ تعظيم ڪرڻ جو ايتري حد تائين حڪم ڏين ٿا ...؟ ان ڪري جو: * اهي علماء ئي آهن جيڪي انبياء ڪرام عَلَیْهِم السَّلَام جا حقيقي وارث ۽ جانشين آهن، (پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: اِ نَّ الْعُلَمَاءَ وَرَثَةُ الْاَ نْبِيَاءِ يعني بيشڪ عالم ئي نبين جا وارث آهن.([1]) * اهي علماء ئي آهن جيڪي ماڻهن کي دين اسلام ڏانهن راغب ڪندا آهن * اهي علماء ئي آهن جيڪي مسلمانن جي عقيدن جي حفاظت ڪندا آهن * اهي علماء ئي آهن جيڪي صحيح معنيٰ ۾ الله پاڪ ۽ سندس حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سڃاڻپ ڪرائيندا آهن * اهي علماء ئي آهن جيڪي صحابهءِ ڪرام جو ادب سيکاريندا آهن * اهي علماء ئي آهن جيڪي اهل بيت سان محبت جو درس ڏيندا آهن * اهي علماء ئي آهن جيڪي مسئلن جو شرعي حل ڪڍندا آهن * اهي علماء ئي آهن جيڪي طهارت ۽ نجاست جا مسئلا ٻڌائيندا آهن * اهي علماء ئي آهن جيڪي پاڪي ۽ پليديءَ جو فرق سمجھائيندا آهن * اهي علماء ئي آهن جيڪي غسل، ڪفن ۽ تدفين جا مسئلا سيکاريندا آهن * مدرسن ۽ جامعات، مسجدن کي هلائڻ وارا علماء ئي آهن.) اهو ئي سبب آهي جو آئون نه رڳو پاڻ علماءِ ڪرام جو ادب ۽ احترام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندو آهيان، پر ٻين کي به ان جي تلقين ڪندو آهيان. [2]
ہم کو اے عطار سنی عالموں سے پیار ہے اِنْ شَاءَ اللہ دو جہاں میں اپنا بیڑا پار ہے
امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُہُمُ الْعَالِیَہ جو مختصر تعارف
الله اڪبر..!! پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا شان آهي امير اهلسُنت جو؟ الله پاڪ