Book Name:Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat
باري ۾ منقول آهي ته پاڻ پنهنجي ڪمائي مان محدثين ڪرام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہم جون ضرورتون پوريون فرمائيندا هئا، انهن جي گهر جو خرچ پاڻ کڻندا هئا، ڪجهه علماء ۾ نقد رقم ورهائيندا هئا ته جيئن اهي پنهنجون ضرورتون پاڻ پوريون ڪري سگهن.([1]) * حضرت عبد الله بن مبارڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه به اہلِ علم سان تمام گهڻي محبت فرمائيندا هئا، پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائيندا هئا ته مان واپار صرف ان ڪري ڪندو آهيان ته جيئن ان جي ذريعي عالمن جي خدمت ڪري سگهان، هڪ دفعي حضرت فضيل بن عياض رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي محبت جي سبب سان فرمايائون: لَوْ لَا کَ وَ اَصْحَابُکَ مَا اتَّجَرْتُ يعني جيڪڏهن توهان ۽ توهان جا شاگرد نه هجن ها ته آئون ڪڏهن به واپار نه ڪيان ها. ([2]) * حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه اہل علم لاءِ بيت المال مان وظيفا مقرر ڪري ڇڏيا هئا. ([3])
الله پاڪ انهن حضرات جي صدقي اسان کي به علماء جي محبت نصيب فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
امير اهلِ سنت مولانا محمد الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جي علماءِ ڪرام سان محبت جو هڪ ٻيو واقعو ٻڌو! هڪ ڀيرو سنڌ جي شهر ٺٽي ۾عاشقانِ رسول جو هڪ قافلو تشريف کڻي ويو، جنهن ۾ دعوت اسلامي جي مرڪزي مجلس شوريٰ جو هڪ رڪن به شامل هو. رڪن شوريٰ اتي حضرت مولانا ابو السراج طفيل احمد ٺٽوي دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه سان ملاقات ڪئي ۽ کين اجتماع جي دعوت پيش ڪئي، جنهن کي قبول ڪندي انهن اجتماع ۾ يقيني شرڪت ڪرڻ سان