Book Name:Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat
عقل سليم عطا فرمائيندو آهي * اهي ڄاڻيندا آهن ته عالم ۽ اڻڄان شخص برابر نه آهن * اهي ڄاڻيندا آهن ته الله پاڪ علماء کي عام ماڻهن جي مقابلي ۾ بلند درجا عطا فرمايا آهن، ڪيترا بلند؟ ايترا بلند جو حضرت عبد الله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: علماءِ ڪرام، عام مؤمنن کان ست سؤ درجا بلند هوندا ۽ هر ٻن درجن جي وچ ۾ پنج سؤ سالن جو مفاصلو هوندو * اهي ڄاڻيندا آهن ته هي ئي اهي ماڻهو آهن جيڪي قرآن ۽ حديث کي چڱيءَ طرح ڄاڻندا آهن * اهي ڄاڻيندا آهن ته هي ئي انبياء عليہم السلام جا حقيقي وارث آهن
عالم کی ذات عالم انسانیت کی جاں عالم کی ذات جوہر خلقت کی ترجماں
عالم کی ذات فہم و تفہم کا آسماں عالم کی ذات حکمت معبود کا نشاں
حق ساز و حق شناس کو عالم کہا گیا اسلام کی اساس کو عالم کہا گیا
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گهرجي ته علماءِ ڪرام جي بارگاهه جو ادب ۽ احترام ڪيون، انهن سان محبت ڪيون، انهن تي اعتراض ڪرڻ سان پاڻ کي بچايون ڇوته هي حضرات الله پاڪ پسنديده ٻانها آهن. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:
(پارہ:3، سورۀ ال عمران:79)
ترجموڪنزالعرفان: الله وارا ٿي وڃو ڇو ته توهان ڪتاب جي تعليم ڏيندا آهيو ۽ هن لاءِ جو توهان پاڻ به هن کي پڙهندا آهيو.