Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat

Book Name:Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat

۽ نصيحت آهي ته علماءِ دين جو دامن نه ڇڏجو، نه ته ڀٽڪي ويندﺆ * علماءِ اہل سنت اسان کي جنت ڏانهن وٺي ويندا * عالمن کي چئو ته جڏهن به اسان کان ڪا غلطي ٿي وڃي ته ڪن کان پڪڙي اسان جي اصلاح فرمائن * اي علماءِ ڪرام! اسان کي پنهنجن قدمن کان پري نه ڪيو، اسان اوهان جا آهيون * علماء ۽ مشائخ عوام کان ممتاز هوندا آهن، اهي مقتدا آهن، انهن جي ڳالهه جو اثر ٿيندو آهي. انهن سان تعلقات قائم ٿي وڃن ته اهي دعوت اسلامي جي ديني ڪمن ۾ تمام گهڻو مددگار ثابت ٿيندا آهن.[1]

مجھ کو اے عطارؔ سُنّی عالِموں سے پیار ہے                                اِنْ شَاء اللہ دوجہاں میں اپنا بیڑا پار ہے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                          صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

علمايِ اهلِ سنّت جي اميرِ اهلِ سنّت سان محبت

پيارا اسلامي ڀائرو! توهان ٻڌو ته امير اهل سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه علماءِ اهلِ سنّت سان ڪيتري محبت فرمائيندا آهن. پر اها محبت اڪطرفي نه آهي، بلڪه جيئن اميرِ اهلِ سنّت انهن سان محبت فرمائين ٿا، تيئن اهي به اميرِ اهلِ سنّت سان محبت ڪندا آهن. * حضرت شارحِ بخاري، مفتي شريفُ الحق امجدي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه   فرمائن ٿا: مان مولانا محمد الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه کي انتهائي خوش عقيدو سني، مسلڪِ اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو سختي سان پابند ماڻهو  سمجهان ٿو. * حضرت رئيسُ التحرير، علامه ارشد القادري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جڏهن عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه ڪراچي ۾ آيا ته خليفه اميرِ اهلِ سنّت، مولانا حاجي عبيد رضا عطاري مدني دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه کان پڇيو: پُٽ، ڇا ڪندا آهيو؟ عرض ڪيو: جامعة المدينه ۾ پڙهندو آهيان. فرمايائون:  پُٽ! پڙهو! هر ڪنهن کي توهان جي والد وانگر علمِ لدني ناهي ملندو. * خليفهءِ مفتيِ اعظم هند، حضرت مطيع


 

 



[1] امیر اہلسنت کی دینی خدمات، صفحہ:325-326 ملتقطاً۔