Book Name:Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat
پوچھے گا مولیٰ لایا ہے کیا کیا؟ میں یہ کہوں گا، نامِ مُحَمَّدِ ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! هن حديث پاڪ مان معلوم ٿيو ته دنيا ۾ انسان جنهن سان محبت ڪندو آهي، قيامت جي ڏينهن انهيءَ سان گڏ هوندو. هاڻي غور ڪيو! ڪيترا خوش نصيب آهن اهي ماڻهو* جيڪي علماءِ ڪرام جي سردار امام اعظم ابو حنيفه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سان محبت ڪندا آهن * جيڪي مفتين جي سردار شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سان محبت ڪندا آهن * جيڪي اہلِ سنت جي مٿي جو تاج امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سان محبت ڪندا آهن * جيڪي سڀني علماءِ اہل سنت سان محبت ڪندا آهن* قيامت جي ڏينهن الله پاڪ انهن کي انهن علماء سان گڏ رکندو* انهن سان گڏ حشر به ٿيندو ۽ * الله پاڪ چاهيو ته انهن جي پويان پويان جنت ۾ به پهچي وينداسين.
آل و اصحاب سے محبّت ہے اور سب اولیا سے اُلفت ہے
یہ سب اللہ کی عنایت ہے مل گئی مصطفےٰ کی اُمّت ہے
غوث و خواجہ کی دِل میں اُلفت ہے قلب میں عشقِ اعلیٰ حضرت ہے
مرحبا! اپنی خوب قسمت ہے پیر و مرشِد کی دِل میں چاہت ہے ([2])
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
شارحِ بخاري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان اوهان جي محبت
پيارا اسلامي ڀائرو! جيئن اسان ٻڌو ته اوهان دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه کي علماءِ اہلِ سنت سان تمام گهڻي محبت آهي، پاڻ انهن جي عزت ۽ تعظيم ۾ ڪا به ڪمي اچڻ نه ڏيندا آهن.
جيئن ته هڪ ڀيرو اوهان کي حضرت فقيههِ اعظم هند حضرت علامہ مولانا