Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat

Book Name:Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارو مدار نيتن تي آهي۔ ([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺي نيت جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا! مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دل ۾ ارادو ڏسو ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـہُ الْکَریم! چئي ڪري ان جو اظهار ڪيو: * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس *  بيان جا اهم نڪتا لکندس   * جيڪو ٻُڌندس، گهر وارن کي، ٻارن کي، دوستن احبابن کي ٻڌائي ڪري علمِ دين جو ثواب ڪمائيندس.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                          صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

امير اهلسنت جي علماء سان محبت

پيارا اسلامي ڀائرو! پندرهين صديءَ جي عظيم علمي ۽ روحاني شخصيت، شيخ طريقت، امير اهل سنت، باني دعوت اسلامي حضرت علامه محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جي علماءِ ڪرام سان تمام گهڻي محبت آهي. پاڻ دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جي علماء سان محبت جو اهو عالَم آهي جو پاڻ فرمائن ٿا: الله پاڪ جو قسم انهن کان سواءِ اسان ڪنهن به ڪم جا نه آهيون، انهن جي قدمن ۾ پيا هونداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! نجات جو ڪو ذريعو بڻجي ويندو.[2] وڌيڪ فرمائن ٿا: علماء کي اسان جي نه، پر اسان کي علماء جي ضرورت آهي، بلڪه پنهنجن متعلقين کي نصيحت ڪندي فرمايائون: علماء جي قدمن کان پري ٿيا ته ڀٽڪي ويندؤ.[3]


 

 



[1]... بخاری، کِتَاب بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔

[2] امیر اہلسنت کی دینی خدمات، صفحہ:324۔

[3] امیر اہلسنت کی دینی خدمات، صفحہ:324۔