Book Name:Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat
امير اهل سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه هونئن ته هر عاشقِ رسول عالم سان محبت فرمائيندا آهن، پر اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سان سندن محبت ڏسڻ وٽان آهي.
پاڻ فرمائن ٿا: اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! ننڍپڻ کان ئي اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي سڃاڻپ ٿي چڪي هئي. پوءِ جيئن جيئن شعور ايندو ويو اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي محبت دل ۾ گهر ڪندي وئي. آئون بنا خوفِ ترديد جي چوان ٿو ته الله پاڪ جي سڃاڻپ مٺي مٺي مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذريعي ٿي ۽ مٺي مٺي مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سڃاڻپ امام احمد رضا رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي ڪري نصيب ٿي.[1]
اعلیٰ حضرت سے ہمیں تو پیارا ہے ان شاء اللہ اپنا بیڑا پار ہے
الله پاڪ علم وارن کي محبوب رکندو آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه بلڪه هر عاشق رسول عالم سان محبت هجڻ گهرجي ۽ هجي به ڇو نه...!! جڏهن ته الله پاڪ انهن کي محبوب رکندو آهي. روايت ۾ اچي ٿو: الله پاڪ حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام ڏانهن وحي فرمائي ته اي ابراهيم (عَلَیْهِ السَّلَام )! اَنِّي عَلِيمٌ اُحِبُّ كُلَّ عَلِيمٍ يعني علم منهنجي صفت آهي ۽ مان هر علم واري سان محبت ڪندو آهيان. ([2])
الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! علماءِ ڪرام جي محبت جي به ڇا ڳالهه آهي ...!! هيءَ اها پاڪ محبت آهي جيڪا اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! جنت ۾ وٺي وڃڻ جو ذريعو بڻجي ويندي. جي ها! اها سچي ڳالهه آهي، حضرت انس بن مالڪ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن