Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat

Book Name:Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat

    محفوظ سدا رکھنا شہا بے ادبوں سے                                                                        اور مجھ سے بھی سرزد نہ کبھی بے ادبی ہو

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                          صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

علماء جي محبت...!!    ڀلائيءَ جي علامت...!!

پيارا اسلامي ڀائرو! امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جي علماءِ ڪرام سان محبت جي ڇا ڳالهه ڪجي پاڻ فرمائن ٿا: * عالمِ دين لاءِ منهنجي دل ۾ محبت ۽ مانُ آهي* الله پاڪ توفيق ڏئي ته اسان پاڻ عالم بڻجي وڃون جي نه ته انهن سان محبت ڪرڻ وارا بڻجي وڃون.

ياد رکو! سني عالمن سان محبت خير ۽ ڀلائي جي نشاني آهي. حضرت امام قُتَیْبَہ بن سَعید رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: اِذَا ‌رَاَيْتَ ‌الرَّجُلَ ‌يُحِبُّ ‌اَحْمَد َبْنِ حَنْبَلٍ فَاعْلَمْ اَنَّهٗ صَاحِبُ سُنَّةٍ وَجَمَاعَةٍ يعني جڏهن تون ڪنهن اهڙي شخص کي ڏسين جيڪو امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سان محبت رکڻ وارو آهي ته ڄاڻي وٺ ته اهو اہلِ سنت و جماعت مان آهي. ([1])  

الله! الله! ڇا شان آهي  عالمن جي جو جيڪو انهن سان محبت ڪندو آهي، اهو دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي. هڪ شخص کي سندس وفات کان پوءِ ڪنهن خواب ۾ ڏٺو ۽ پڇيو:  مَا فَعَلَ اللہُ بِکَ   الله پاڪ توسان ڪهڙو معاملو فرمايو؟ هن جواب ڏنو: الله پاڪ مون کي بخشيو. پڇيو ويو:  ڪهڙي سبب الله پاڪ توکي بخشيو؟ هن چيو: حضرت امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه   سان محبت جي ڪري!

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                          صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

امير اهلسنت جي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سان محبت


 

 



[1]...الجرح و التعدیل، 1/308۔