Book Name:Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat
اُمّت کے حال سے وہ آگاہ ہر گھڑی ہیں خوابوں میں آ رہے ہیں، بگڑی بنا رہے ہیں
سُبْحٰنَ اللہ! الله پاڪ اسان کي به اہل علم سان محبت رکڻ ۽ انهن جي عزت افزائي ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ.
شامي عالم سان محبت جو نرالو اظهار
پيارا اسلامي ڀائرو! هڪ ڀيرو ملڪ شام مان تشريف کڻي آيل جَامِعَہ اَلْمَغْرَبِیَّۃ دمشق جي مدير (پرنسپال) ۽ سلسله عاليه نقشبنديه جا عظيم بزرگ پير طريقت حضرت شيخ رجب دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه امير اهل سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جي رهائش گاه تي ملاقات لاءِ تشريف فرما ٿيا. پاڻ دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه کي جيئن ئي ان جو اطلاع مليو فوراً ٻي منزل تان پيرين اگهاڙي هيٺ تشريف وٺي آيا ۽ دروازي تي وڃي انهن جو استقبال ڪيائون ۽ نهايت مودبانه انداز سان انهن کي پاڻ سان گڏ مٿي وٺي آيا. ڏسڻ وارا حيرت ۾ پئجي ويا ته پندرهين صدي جي عظيم علمي ۽ روحاني شخصيت، لکين مريدن ۽ متعلقين جن جي راهه ۾ عقيدت ۽ محبت منجهان نيڻ وڇائيندا آهن انهن شام مان آيل علماء ۽ شيوخ کي مٿانهين جڳهه تي ويهاريو ۽ پاڻ عاجزي ڪندي زمين تي ويهي رهيا. ويهڻ جو انداز به انتهائي مودبانه ...!! يعني ٻه زانو، نظرون جهڪايل.
جڏهن اهي حضرات پاڻ دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه وٽان رخصت ٿيڻ لڳا ته انتهائي محبت جو اظهار فرمائيندي، پاڻ انهن سان مصافحو ڪيو، ڳلي مليا ۽ کين تحفا پيش ڪيائون ۽ پيرين اگهاڙي دروازي تائين ڇڏڻ آيا.
تیری ہر ادا پہ پیارے مجھے کیوں نہ پیار آئے
تو انہی کی راہ پہ لائے جنہیں سب پہ پیار آئے
الله! الله! يقيناً علماء جو قدر اهي ماڻهو ئي ڪندا آهن جن کي الله پاڪ