Book Name:Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat
جي انهن علماءِ اہل سنت سان محبت فقط الله پاڪ جي رضا جي لاءِ هئي.
حديث پاڪ جي ڪتاب ابو داؤد شريف ۾ مسلمانن جي ٻئين خليفي حضرت عمر فاروق اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان روايت آهي: رسول خدا، احمد مجتبيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ”بيشڪ الله پاڪ جا ڪجهه ٻانها آهن، اهي نبي به ناهن، شهيد به ناهن (پر انهن جو شان اهڙو آهي جو) قيامت جي ڏينهن انهن جي مقام ۽ مرتبي کي انبياء ڪرام عَلَیْهم السَّلَام ۽ شهيد به فخر جي نگاهه سان ڏسندا.“ عرض ڪيو ويو: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اهي ڪير آهن؟ فرمايائون: هي اهي ماڻهو آهن، جن جي پاڻ ۾ ڪا رشتيداري (Relationship) به نه آهي، پاڻ ۾ ڪا مال جي ڏيتي ليتي به نه آهي، اهي صِرف ۽ صِرف پاڻ ۾ الله پاڪ جي رضا جي خاطر محبت ڪرڻ وارا آهن. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪي صِرف ۽ صِرف الله پاڪ جي رضا جي خاطر پاڻ ۾ محبت ڪرڻ وارا آهن، انهن جو ڇا شان آهي؟ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: انهن جون پيشانيون نور سان چمڪي رهيون هونديون، انهن تي نور ڇانيل هوندو ۽ اهي ان وقت بي خوف هوندا، جڏهن ماڻهو خوفزده هوندا، ۽ اهي ان وقت بي غم هوندا، جڏهن ماڻهو غمگين هوندا.[2]
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جا مدني گل
امير اهل سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه علماءِ ڪرام جي محبت ۽ عزت افزائي ڪرڻ جي ترغيب جا ڪجهه مدني گل ڏيندي ارشاد فرمائن ٿا: * مان علماءِ ڪرام جي تعريف ڪندو رهندس ڪنهن کي سٺو لڳي يا نه لڳي * منهنجي وصيت