Book Name:Eid Youm e Khair Khuwahi Hai
تفسير خزائن العرفان ۾ آهي: هن آيت ۾ تَزَ كّٰى مان مراد صدقهءِ فطر ڏيڻ آهي.([1]) يعني جيڪو شخص عيد الفطر جي موقعي تي فطرو ڏئي غريبن کي عيد جون خوشيون ملهائڻ جو موقعو فراهم ڪندو آهي، ان جي دل صاف ٿي ويندي آهي ۽ هو فلاح ۽ ڪاميابي تائين پهچي ويندو آهي.
فطري جي ادئيگي 4 شين سان ٿيندي آهي
فطري جي مقدار جا 4 اعتبار آهن: (1) ڪشمش (2) کجور (3) جَوَ شريف يا ان جو اٽو (4) ڪڻڪ يا ان جو اٽو ٭ ڪشمش جي اعتبار سان فطرو ادا ڪرڻو هجي ته ان جو هن سال 2025 ۾ پاڪستان ۾ مقدار 6 هزار روپيا هڪ فرد آهي ٭ کجور جي اعتبار سان 2400 روپيا ٭ عجوہ کجور جي اعتبار سان 19 هزار روپيا ٭ جَوَ شريف جي اعتبار سان 700 روپيا ۽ ٭ ڪڻڪ جي اعتبار سان 240 روپيا.
صدقهءِ فطر جي ادائيگيءَ ۾ پنهنجي حيثيت جو لحاظ رکڻ گهرجي، جنهن کي اللہ پاڪ مال ۽ دولت سان نوازيو آهي، ان کي گهرجي ته ڪشمش جي اعتبار سان صدقه فطر ادا ڪري، جيڪو اهو نه ٿو ڪري سگهي ته کجور جي اعتبار سان 2400 روپيا هڪ فرد جي حساب سان ادائيگي ڪري، جيڪو ايتري به طاقت نه ٿو رکي، اهو جَوَ شريف جي اعتبار سان 700 روپيا في ماڻهو ۽ جيڪو ان جي به استطاعت نه ٿو رکي اهو ڪڻڪ جي اعتبار سان 240 روپيا هڪ فرد جي حساب سان ادائيگي ڪري. جيترو ڳُڙ وجهندو اوترو مٺو ٿيندو، يعني خدا جي راهه ۾ جيترو وڌيڪ خرچ ڪندو اوترو وڌيڪ ثواب ملندو ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! وڌيڪ برڪتون نصيب ٿينديون.
پيارا اسلامي ڀائرو! توهان جي پنهنجي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي، هن وقت 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ دين جي خدمت ڪرڻ ۾ مشغول آهي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! ٭ هزارين مدرسا ۽ جامعات قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ لکين طلبا و طالبات ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ٭ المدينة العلميه (اسلامڪ ريسرچ سينٽر) جي ذريعي