Eid Youm e Khair Khuwahi Hai

Book Name:Eid Youm e Khair Khuwahi Hai

پڙهيون، قرآن ڪريم ٻڌو، ٻڌايو، تلاوت قرآن ڪندا رهياسين، تہجد جي سعادت حاصل ڪندا رهياسين، نفل پڙهياسين، رمضان المبارڪ ۾ ذڪر ۽ درود پڙهندا رهياسين، انهن سڀني جو ثواب ۽ اڄ جيتريون به نيڪيون ڪنداسين، انهن سڀني جو به ثواب پنهنجن فوت ٿيلن کي تحفي طور موڪلي ڏيو، اها انهن جي لاءِ خير خواهي ٿي ويندي.  

حديث پاڪ ۾ آهي: مردي جو حال قبر ۾ ٻڏندڙ انسان جي مثل آهي جو هو شدت سان انتظار ڪندو آهي ته پيءُ يا ماءُ يا ڀاءُ يا ڪنهن دوست جي دعا کيس پهچي ۽ جڏهن ڪنهن جي دعا کيس پهچندي آهي ته ان جي نظر ۾ اها دنيا ۽ ان ۾ جيڪو ڪجهه آهي ان کان بهتر هوندي آهي. اللہ پاڪ قبر وارن کي انهن جي زندهه مٽن مائٽن جي طرفان تحفي ۾ موڪليل ثواب جبلن جي برابر عطا فرمائيندو آهي، زندهه ماڻهن جو هديو (يعني تحفو) مُردن جي لاءِ دعاءِ مغفرت ڪرڻ آهي. ([1]) 

قبر ۾ انوار داخل ٿيندا

منقول آهي ته جيڪو شخص عيد جي ڏينهن 300 ڀيرا سُبْحٰنَ اللہِ وَبِحَمْدِہٖ پڙهي ۽ فوت ٿيل مسلمانن جي روحن کي ان جو ايصال ثواب ڪري ته هر مسلمان جي قبر ۾ هڪ هزار انوار داخل ٿيندا آهن ۽ جڏهن اهو پڙهڻ وارو پاڻ مرندو ته اللہ پاڪ ان جي قبر ۾ به هڪ هزار انوار داخل فرمائيندو. ([2]) 

يا رب مصطفيٰ  صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  ! اسان کي عيد سعيد جون خوشيون سنت جي مطابق، خير خواهي ڪندي، ٻين کي نفعو پهچائيندي، خوشيون ورهائيندي ملهائڻ جي توفيق عطا فرماءِ. اي پيارا اللہ پاڪ! اسان کي حج شريف ۽ ديار مدينه ۽ تاجدار مدينه  صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  جي ديدار جي مدني عيد بار بار نصيب فرماءِ.

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم

تِری جبکہ دید ہو گی جبھی میری عید ہو گی               مِرے  خواب  میں  تُو  آنا  مَدَنی  مدینے  والے ([3])


 

 



[1]... شُعَبُ الْاِیمان،باب فی بر الوالدین،جلد:6 ،صفحہ:203 ،حدیث:7905۔

[2]... مُکَاشِفَةُ الْقُلُوب ،باب فی فضل العید،صفحہ:462۔

[3]... وسائلِ بخشش ،صفحہ:424۔