Book Name:Eid Youm e Khair Khuwahi Hai
امت کي اسلامي لٽريچر (مواد) مهيا ڪيو پيو وڃي ٭ سوشل ميڊيا جي ذريعي ڪروڙين انسانن کي اسلامي معلومات مهيا ڪئي پئي وڃي ٭ مدني چينل اردو، انگريزي، بنگالي، ڪڊز مدني چينل، بزرگن جو مدني چينل ۽ عربي ويب چينل ذريعي دينِ اسلام جي تعليمات کي عام ڪيو پيو وڃي ٭ پوري دنيا ۾ مسلمانن جي خيرخواهي جي لاءِ قائم ڪيل شعبي (FGRF) جي ذريعي ڏکايل مسلمانن جي خدمت ڪئي پئي وڃي.
توهان به خدمتِ دين جي هن نيڪ ڪم ۾ پنهنجو حصو شامل ڪريو! پنهنجا عطيات دعوتِ اسلامي کي ڏيو، توهان جا عطيات يعني چندو ڪنهن به نيڪ، جائز، ديني، اصلاحي، فلاحي، روحاني، خير خواهي، ڀلائي ۽ آمدني وڌائڻ جي جائز ۽ محفوظ ڪمن ۾ لڳائي سگهجي ٿو ته جيئن وڌندڙ خرچن جو پورائو ڪري سگهجي.
دعوتِ اسلامی کی قَیُّوم اِک اِک گھر میں مچ جائے دھوم
اس پہ فِدا ہو بچہ بچہ یااللہ! مِری جھولی بھر دے ([1])
اللہ پاڪ اسان کي قرآن ڪريم جو فيضان نصيب فرمائي، دل لڳائي خشوع ۽ خضوع سان نمازون پڙهڻ، خوب صدقا ۽ خيراتون ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! عيد يومِ خير خواهي آهي، اڄوڪي ڏينهن اسان کي پنهنجن عزيزن، رشتيدارن، اوڙي پاڙي جي غريبن، يتيمن، مسڪينن جي خير خواهي ڪرڻي آهي، ضرور ڪريو، ان سان گڏوگڏ اسان جا اهي عزيز رشتيدار، اسان جا اهي مسلمان ڀائر جيڪي اڄ اسان سان گڏ نه آهن، دنيا مان گذاري ويا آهن، انهن کي به نه وسارڻو آهي، انهن سان به خير خواهي ڪرڻي آهي.
اها ڪيئن ڪنداسين؟ ايصال ثواب جي ذريعي، اسان روزا رکيا، تراويحون