Eid Youm e Khair Khuwahi Hai

Book Name:Eid Youm e Khair Khuwahi Hai

عيد مغفرت جو ڏينهن آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! اللہ پاڪ جو نهايت ڪرم ۽ احسان مٿان احسان آهي جو هن اسان کي رمضان جي مهيني جهڙي نعمت عطا فرمائي ۽ رمضان کان فوراً بعد عيد جو خوشين سان ڀريل هي مبارڪ ڏينهن عطا فرمايو. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! جيئن رمضان مغفرت ۽ بخشش جو مهينو آهي، تيئن عيد الفطر جو هي مبارڪ ڏينهن به رب رحمٰن جون رحمتون لُٽِڻ جو ڏينهن آهي. صحابيءِ رسول حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْہما جي هڪ روايت ۾ آهي ته: جڏهن عيد جي ڏينهن صبح ٿيندو آهي ته اللہ پاڪ پنهنجي معصوم فرشتَن کي سڀني شهرن ۾ موڪليندو آهي، اهي فرشتا زمين تي تشريف کڻي اچي سڀني گهٽين ۽ رستن تي بيهي هن طرح اعلان ڪندا آهن: ”اي امت محمد! ان ڪريم رب جي بارگاهه ڏانهن هلو، جيڪو تمام گهڻو عطا ڪرڻ وارو ۽ وڏي کان وڏو گناهه معاف ڪرڻ وارو آهي.“ 

پوءِ اللہ پاڪ پنهنجن ٻانهن سان هن ريت خطاب فرمائيندو آهي: اي منهنجا ٻانهو! گهرو! جيڪو ڪجهه گهرڻو اَٿَو؟ منهنجي عزت ۽ جلال جو قسم! اڄ جي ڏينهن هن (نماز عيد جي) اجتماع ۾ پنهنجي آخرت جي متعلق جيڪو به گهرندﺆ اهو پورو ڪندس ۽ دنيا جي باري ۾ جيڪو ڪجهه گهرندﺆ ان ۾ اوهان جي ڀلائي ڏانهن نظر ڪندس (يعني اهو ڪندس جنهن ۾ اوهان جي بهتري هوندي). منهنجي عزت جو قسم! جيستائين توهان منهنجو لحاظ رکندﺆ، مان به توهان جي خطائن تي پردو وجهندو رهندس. منهنجي عزت جو قسم! مان توهان کي حد کان وڌي وڃڻ وارن (يعني مجرمن) سان گڏ رسوا نه ڪندس. بس پنهنجن گهرن ڏانهن مغفرت يافته ٿي موٽي وڃو! توهان مون کي راضي ڪري ڇڏيو ۽ مان توهان کان راضي ٿي ويس.([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! غور ته ڪريو! عيد الفطر جو ڏينهن ڪيترو نه اهم ترين ڏينهن آهي، ان ڏينهن اللہ رب العزت جي رحمت نهايت جوش تي هوندي آهي، دربارِ خداوندي مان ڪو به سائل مايوس نه موٽايو ويندو آهي، ڪاش! هن مبارڪ ڏينهن جي صدقي رحمت الٰهي جو هڪ ڇنڊو اسان گنهگارن کي به نصيب ٿي وڃي، يقين ڪريو! پوءِ ته واقعي حقيقي عيد ٿي ويندي.  


 

 



[1]...شُعَبُ الایمان ،باب فی الصیام ،جلد:3 ،صفحہ:336 ،حدیث:3695۔