Eid Youm e Khair Khuwahi Hai

Book Name:Eid Youm e Khair Khuwahi Hai

فطرو واجب هئڻ جي هڪ حڪمت

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان عيد جي ڏينهن خوشيون ورهايون، غريبن کي به پاڻ سان گڏ انهن خوشين ۾ شامل ڪريون، اها ڳالهه اسان جي دين اسلام کي تمام گهڻي پسند آهي، انهيءَ حڪمت هيٺ ئي ته فطرو واجب قرار ڏنو ويو آهي. صحابي ابن صحابي حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْہما فرمائن ٿا: غريبن جي غمخوار، مدني سرڪار  صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  فطرو مقرر فرمايو ته جيئن فضول ۽ بيهودہه ڳالهين کان روزن جي صفائي ٿي وڃي ۽ ان جي ذريعي مسڪينن جي خوراڪ جو سامان به ٿي وڃي. ([1])   

سُبْحٰنَ اللہ! اندازو لڳايو! اسان جي پياري دين، اسان جي شريعت، اسان جي پياري آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ  صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  کي غريبن جو ڪيترو نه خيال آهي، تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان فطرو به خوشدلي سان ادا ڪريون ۽ ان کان علاوهه به خيرات ۽ صدقي جي ذريعي غريبن جي مدد ڪرڻ جي عادت اختيار ڪريون. 

صدقو ۽ خيرات جي عادت اپنايو

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي گهڻي کان گهڻي صدقي ۽ خيرات ڪرڻ جي عادت اپنائڻ گهرجي، جن تي زڪوات فرض آهي، انهن تي ته لازم آهي ته حساب ڪري زڪوات ادا ڪن، بلڪه ڪنهن عاشقِ رسول مفتي صاحب کان حساب ڪرائي پوري پوري زڪوات ادا ڪن. زڪوات ۾ هڪ روپئي جي به گهٽتائي ڪرڻ گناهه جو ڪم آهي. ان سان گڏوگڏ نفلي صدقو ۽ خيرات جي به عادت بڻايو! صدقهءِ فطر هر مسلمان آزاد مالڪ نصاب تي، جنهن جو نصاب حاجت اصليه کان فارغ هجي، واجب آهي. ([2]) اللہ پاڪ فرمائي ٿو: 

قَدۡ  اَفۡلَحَ  مَنۡ  تَزَکّٰی ﴿ۙ۱۴(پارو:30 ، الاعليٰ:14)     

ترجمو ڪنز العرفان: بيشڪ جنهن پاڻ کي پاڪ ڪري ورتو اهو ڪامياب ٿيندو.


 

 



[1]...ابو داؤد ،کتاب الزکاۃ ،باب زکاۃ الفطر،صفحہ:263 ،حدیث:1609۔

[2]...بہارِ شریعت،جلد:1 ، صفحہ:935 ،حصہ:5۔