Eid Youm e Khair Khuwahi Hai

Book Name:Eid Youm e Khair Khuwahi Hai

خوشيون ملهائيندو ڏسي دل ئي دل ۾ ٿڌا ساهه ڀري رهيا هوندا، ڪيترائي اهڙا يتيم به هوندا، جيڪي ٻين ٻارن کي نوان نوان ڪپڙا پاتل ڏسي اندر ئي اندر ٽٽي پوندا هوندا ته ڪاش! اڄ اسان جا به والد هجن ها، ڪو اسان جي مٿي تي به هٿ رکڻ وارو هجي ها، ڪاش! ڪوئي اسان کي به بازار وٺي وڃي ها، اسان کي به اسان جي پسند جون شيون ڏياري ها، ڪاش! ڪوئي اسان کان به پڇي ها ته پٽ! عيد لاءِ ڪهڙا ڪپڙا گهرجن؟ بوٽ ڪهڙو خريدڻو آهي؟ پر افسوس! انهن بي سهارن جو سهارو ڪير بڻجي؟

اي عاشقان رسول! اسان ٿورڙي ڪوشش سان، ٿوري قرباني ڏئي، ٿورڙي همت ڪري هيءَ افضل نيڪي حاصل ڪري سگهون ٿا، هڪ ڀيرو ٻيهر دل جي ڪنن سان هيءَ ايمان افروز حديث پاڪ ٻڌو! يتيمن، بيڪسن جي والي، اسان جي آقا تاجدارِ عالي  صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: مَنْ وَافَقَ مِنْ اَخِيهِ شَهْوَةً غُفِرَ لَهُ جيڪو پنهنجي (مسلمان) ڀاءُ جي خواہش ۾ ان جي مدد ڪري، ان جي مغفرت ڪئي ويندي. ([1]) 

وہ تو نہایت سستا سودا بیچ رہے ہیں جنّت کا

ہم  مُفلس  کیا  مَول  چُکائیں،  اپنا ہاتھ ہی خالی ہے ([2])

نفعو پهچائڻ وارا بڻجي وڃو

هڪ تمام خوبصورت حديث پاڪ مان توهان کي ٻڌايان ٿو، صحابي ابن صحابي حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْہما هن حديث جا راوي آهن، پاڻ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن اسان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ  صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  جي خدمت سراپا رحمت ۾ حاضر هئاسين، پاڻ  صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  صحابهءِ ڪرام کان هڪ سوال پڇيو، ارشاد فرمايائون: اِنَّ مِنَ الشَّجَرِ شَجَرَةً لاَ يَسْقُطُ وَرَقُهَا، وَ اِنَّهَا مَثَلُ المُسْلِمِ، فَحَدِّثُو    نِي مَا هِيَ يعني وڻن ۾ هڪ اهڙو وڻ آهي جنهن جا پن نه ڇڻندا آهن،  ان جو مثال مسلمان جهڙو آهي، ٻڌايو اهو ڪهڙو وڻ آهي؟

هاڻي صحابهءِ ڪرام   عَلَیْہِمُ الرِّضْوان  سوچڻ لڳا (ته اهو ڪهڙو وڻ ٿي سگهي ٿو جنهن جا پن به نه ڇڻندا هجن ۽ ان جو مثال مسلمان جهڙو هجي، ڪوئي ڪجهه سوچي


 

 



[1]...مسندِ بزّار ،جلد:10 ،صفحہ:47 ،حدیث:47۔

[2]...حدائقِ بخشش ،صفحہ:186۔