Book Name:Eid Youm e Khair Khuwahi Hai
محبت موجود آهي، ڇاڪاڻ ته:
وَ اَمَّا مَا یَنۡفَعُ النَّاسَ فَیَمۡکُثُ فِی الۡاَرۡضِ ؕ (پارو:13، سورة رعد:17)
ترجمو ڪنز العرفان: ۽ اهو (پاڻي) جيڪو ماڻهن کي فائدو ڏيندو آهي اهو زمين ۾ باقي رهندو آهي.
اهي اللہ وارا، اهي اولياءِ ڪاملين عيد ڪيئن ملهائيندا هئا، ٻڌو!
هڪ دفعي عيد جو ڏينهن هو، صبح جو وقت هو، ماڻهو نوان نوان ڪپڙا پائي، خوشي خوشي عيد نماز لاءِ عيدگاهه ڏانهن وڃي رهيا هئا، تمام مشهور وليءِ ڪامل، خواجه اجمير، خواجه غريب نواز حضرت خواجه معين الدين چشتي اجميري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه، جيڪي ان وقت ننڍي عمر ۾ هئا، اوهان به نوان ڪپڙا پهريا ۽ عيدگاهه ڏانهن روانا ٿيا، رستي ۾ اوهان هڪ دردناڪ منظر ڏٺو، رستي جي ڪناري تي هڪ ٻار بيٺو هو، اکين کان نابين، پراڻا ڪپڙا پهريل، غريبي حال ۽ چهري تي غم ۽ اداسي...!! خواجه غريب نواز رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ ته غريب نواز آهن، پاڻ ننڍپڻ کان ئي تمام سخي ۽ رحمدل هئا، عيد جي ڏينهن ٻار کي ان حال ۾ ڏسي خواجه صاحب رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ جي معصوم دل ڀرجي آئي، اوهان ٻار کي هٿ کان پڪڙي، گهر وٺي آيا ۽ اهو قيمتي لباس جيڪو اوهان کي پاڻ کي پهريل هو، اهو لاهي ان غريب ٻار کي پارايائون ۽ پاڻ پراڻو لباس پائي عيدگاهه ڏانهن روانا ٿي ويا. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ان کي چئبو آهي حقيقت ۾ عيد ملهائڻ...!! اللہ ڪري اسان به واقعي عيد ملهايون، خوشيون ملهايون به ۽ خوشيون ورهائڻ وارا به بڻجون وڃون.
ہو مرا کام غریبوں کی حمایت کرنا دردمندوں سے، ضعیفوں سے محبّت کرنا
میرے اللہ بُرائی سے بچانا مجھ کو نیک جو راہ ہو، اس راہ پہ چلانا مجھ کو
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد