Eid Youm e Khair Khuwahi Hai

Book Name:Eid Youm e Khair Khuwahi Hai

مسلمان مومن جو به اهڙو ئي مثال آهي، مومن ٻانهو به صِرف ۽ صِرف نفع ڏيڻ وارو هوندو آهي، ان جو نقصان ڪو به ناهي هي بس ٻين کي فائدو ئي پهچائيندو آهي.

اي عاشقان رسول! اڄ عيد جو ڏينهن آهي، اڄ صِرف خوشيون ملهائڻ جو نه پر خوشيون ورهائڻ جو به ڏينهن آهي. اڄ ٻين کي نفعو پهچايو! غريبن، بي سهارن، يتيمن، مسڪينن کي فائدو پهچايو! انهن سان خير خواهي ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  تمام گهڻيون برڪتون حاصل ٿينديون حديث پاڪ ۾ آهي:  خَیْرُالنَّاسِ مَنْ یَّنْفَعُ النَّاسَ ماڻهن ۾ سڀني کان بهتر اهو آهي جيڪو ماڻهن کي نفعو پهچائي. ([1])  

نفعو پهچائڻ واري شيءِ باقي رهندي آهي

اللہ پاڪ قرآن ڪريم ۾ هڪ مثال ذڪر فرمايو آهي، مثال جو خلاصو ڪجهه هن ريت آهي ته آسمان مان تيز مينهن وسندو آهي، نديون نالا وهڻ لڳندا آهن، هاڻي ڇا ٿيندو آهي؟ جڏهن تيز پاڻي وهي رهيو هوندو آهي ته ان جي مٿان ڪجهه گَجُ اچي ويندي آهي، اللہ پاڪ فرمايو: 

فَاَمَّا الزَّبَدُ فَیَذۡہَبُ جُفَآءً ۚ وَ اَمَّا مَا یَنۡفَعُ النَّاسَ فَیَمۡکُثُ فِی الۡاَرۡضِ ؕ                  (پارو:13، سورة رعد:17)

ترجمو ڪنز العرفان: پوءِ گج ته ضايع ٿي ويندي آهي ۽ اهو (پاڻي) جيڪو ماڻهن کي فائدو ڏيندو آهي، اهو زمين ۾ باقي رهندو آهي.

يعني پاڻيءَ جي مٿان اچڻ واري گج (جهاڳ) جيتوڻيڪ ڪجهه وقت لاءِ پاڻي کي ڍڪي ڇڏيندي آهي پر گهڻي دير تائين نه بيهندي آهي، جلد ئي ختم ٿي ويندي آهي، پر پاڻي، جيئن ته اهو نفع بخش هوندو آهي، قدرت جي طرفان ان جي حفاظت جو سامان ڪيو ويندو آهي، ان کي زمين چوسي وٺندي آهي، پنهنجي اندر محفوظ ڪري ڇڏيندي آهي، پاڻي کي ڪَڪَر بڻائي هوا جي ڪلهن تي سوار ڪيو ويندو آهي، ان کي گليشيئر (برف جو جبل) جي صورت ۾ محفوظ ڪيو ويندو آهي، غرض ته گج جيڪا ماڻهن کي فائدو نه پهچائيندي آهي سا جلد ختم ٿي ويندي آهي، جڏهن ته پاڻي، ماڻهن کي فائدو پهچائيندو آهي، تنهنڪري ان کي محفوظ ڪيو


 

 



[1]...کنز العمال،  کتاب المواعظ و الرقاق، جز :16 ،جلد:8 ،صفحہ:54 ،حدیث:44147۔