Eid Youm e Khair Khuwahi Hai

Book Name:Eid Youm e Khair Khuwahi Hai

دل خوش ڪرڻ جون فضيلتون

٭ اللہ پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي  صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: اِنَّ مِنْ وَاجِبِ الْمَغْفِرَةِ اِدْخَالُكَ السُّرُورَ عَلَى اَخِيكَ الْمُسْلِم يعني تنهنجو پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي دل ۾ خوشي داخل ڪرڻ مغفرت کي واجب ڪرڻ وارن عملن مان آهي.([1])  ٭ هڪ حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّ اَحَبَّ الْاَعْمَالِ اِلَى اللَّهِ بَعْدَ الْفَرَائِضِ اِدْخَالُ السُّرُورِ عَلَى الْمُسْلِم  يعني اللہ پاڪ جي نزديڪ فرضن کان بعد سڀ کان پسنديدهه عمل مسلمان جي دل ۾ خوشي داخل ڪرڻ آهي.([2]) ٭ اهڙي طرح مسلمانن جي ٻئين خليفي حضرت عمر فاروق اعظم  رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  کان روايت آهي، اللہ پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني، محمد عربي    صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  کان پڇيو ويو ته عملن ۾ سڀ کان افضل عمل ڪهڙو آهي؟ پاڻ  صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  فرمايو:  مسلمان جي دل ۾ خوشي داخل ڪرڻ افضل عمل آهي     (۽ ان جو طريقو هي آهي ته) تون ان کي ڪپڙا مهيا ڪر يا کاڌو کارائي ان جي بک مٽاءِ يا ان جي ڪا ضرورت پوري ڪر!([3]) ٭ هڪ ٻي ايمان افرز حديث پاڪ ٻڌو! اللہ پاڪ جي رسول، رسول مقبول  صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  فرمايو:  مَنْ وَافَقَ مِنْ اَخِيهِ شَهْوَةً غُفِرَ لَهُ جيڪو پنهنجي (مسلمان) ڀاءُ جي خواہش ۾ ان جي مدد ڪري ان جي مغفرت ڪئي ويندي.([4])

اللہ! اللہ! رحمتِ رحمٰن جو ڪيڏو نه نرالو شان آهي، عمل ڪيترو آسان ۽ اجر ڪيترو زيادهه ...!! اڄ هن خوشين سان ڀرپور ڏينهن ۾ جڏهن هر ڪو خوشيون ملهائي رهيو آهي، ڀلا اهو ڪير هوندو جنهن جي دل هنن خوشين ۾ شامل ٿيڻ نه چاهيندي هوندي، پر افسوس! هيءَ چيلهه چِٻي ڪندڙ مهانگائي، غربت، يتيمي، مسڪيني، اسان جي هن ئي معاشري ۾ جتي خوشيون ئي خوشيون نظر اچي رهيون آهن، اتي ڪيترائي غريب به هوندا، جيڪي ٻين کي سٺا ڪپڙا پاتل ڏسي،


 

 



[1]...معجمِ اوسط ،جلد:6 ،صفحہ:129 ،حدیث:8245۔

[2]...معجمِ اوسط ،جلد:6،صفحہ:37 ،حدیث:7911۔

[3]...معجمِ اوسط ،جلد:4 ،صفحہ:24 ،حدیث:5081۔

[4]...مسندِ بزّار ،جلد:10 ،صفحہ:47 ،حدیث:47۔