Eid Youm e Khair Khuwahi Hai

Book Name:Eid Youm e Khair Khuwahi Hai

مان عيد جي نماز به نه پڙهندو هئس

پيارا اسلامي ڀائرو! مسلمانن جو خير خواهه ۽ نيڪ نمازي بڻجڻ جي لاءِ عاشقان رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! عاشقان رسول سان گڏ مدني قافلن جو مسافر بڻجڻ جو به معمول بڻايو!     اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جون خوب برڪتون نصيب ٿينديون.

ڪراچي جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته: مان پنج وقت جي نماز ته پري جي ڳالهه آهي، جمعي ۽ عيد جي نماز به نه پڙهندو هئس، رات جو دير تائين فلمون، ڊراما ڏسندو رهڻ منهنجو معمول هو، پوءِ منهنجي اصلاح جو سامان ڪجهه هن ريت ٿيو جو هڪ ڀيرو مون کي رمضان المبارڪ ۾ اعتڪاف جي سعادت حاصل ٿي، ان سان گڏ وگڏ مان عاشقانِ رسول سان گڏجي 3 ڏينهن جي مدني قافلي جو به مسافر بڻجي ويس، بس ان جي برڪت سان مون کي دعوتِ اسلامي جو ديني ماحول نصيب ٿي ويو ۽ مان نه رڳو پاڻ پنج وقت پابندي سان نماز پڙهڻ وارو بڻجي ويس پر ٻين کي به نمازن جي دعوت ڏيڻ وارو بڻجي ويس. 

اچھّی صحبت ملے،خوب برکت ملے                   چل پڑو چل پڑیں قافِلے میں چلو!

بے عمل با عمل بن گئے  خاص کر                      آپ بھی دیکھ لیں قافِلے میں چلو!

بے شک اعمالِ بد اور افعالِ بد                          کی چھٹیں عادتیں ،قافِلے میں چلو!

نمازِ عيد جو طريقو به ٻڌي وٺو 

نمازِ عيد جو طريقو (حنفي)

سڀ کان پهريان هن طرح نيت ڪريو: ٭ مان نيت ڪريان ٿو 2 رڪعتون نماز عيد الفطر جي، 6 زائد تڪبيرن سان، واسطي الله پاڪ جي، پٺيان هن امام جي  ٭ پوءِ ڪنن تائين هٿ کڻو ۽ اَللہُ اَکْبَر چئي معمول مطابق دُنَ جي هيٺان ٻڌو ۽ ثنا پڙهو ٭ پوءِ ڪنن تائين هٿ کڻو ۽ اَللہُ اَکْبَر چئي هٿ لٽڪائي ڇڏيو ٭ پوءِ ٻيهر ڪنن تائين هٿ کڻو ۽ اَللہُ اَکْبَر چئي لٽڪائي ڇڏيو ٭ هاڻي ٽيون دفعو ڪنن تائين هٿ کڻو ۽ اَللہُ اَکْبَر چئي هٿ معمول مطابق دُنَ جي هيٺان ٻڌي ڇڏيو يعني پهرين