Book Name:Eid Youm e Khair Khuwahi Hai
تڪبير کان پوءِ هٿ ٻڌو، ان کان پوءِ ٻي ۽ ٽين تڪبير ۾ لٽڪايو ۽ چوٿين ۾ هٿ ٻڌو، ان کي ياد رکڻ جو طريقو هي آهي ته جتي قيام ۾ تڪبير کان پوءِ ڪجهه پڙهڻو آهي اتي هٿ ٻڌڻا آهن ۽ جتي نه پڙهڻو آهي اتي هٿ لٽڪائڻا آهن ٭ پوءِ امام تعوذ ۽ تسميه آهستي پڙهي اَلْحَمْدُ شريف ۽ سورت جهر (يعني بلند آواز) سان پڙهي ٭ پوءِ رڪوع ڪري ٭ ٻي رڪعت ۾ پهريان اَلْحَمْدُ شريف ۽ سورت جهر سان پڙهي ٭ پوءِ 3 ڀيرا ڪنن تائين هٿ کڻي اَللہُ اَکْبَر چئو ۽ هٿ نه ٻڌو ۽ چوٿون ڀيرو بغير هٿ کڻڻ جي اَللہُ اَکْبَر چئي رڪوع ۾ وڃو ۽ قاعدي مطابق نماز مڪمل ڪريو. هر 2 تڪبيرن جي وچ ۾ 3 ڀيرا سُبْحٰنَ اللہِ چوڻ جيترو وقفو ڪرڻو(يعني خاموش بيهڻو) آهي. ([1])
اي عاشقان رسول! رمضان شريف کان پوءِ شوال شريف جي آمد آمد آهي. خوش نصيب مسلمان هن مهيني ۾ عيد الفطر کان پوءِ 6 روزا رکڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن. اچو ته انهن روزن جون فضيلتون ٻڌون ته جيئن اسان جو اهي روزا رکڻ ۽ انهن جي برڪتن مان فيضياب ٿيڻ جو ذهن بڻجي. جيئن ٭ حديث پاڪ ۾ آهي: جنهن رمضان جا روزا رکيا پوءِ 6 ڏينهن شوال ۾ روزا رکيا ته گناهن کان ايئن پاڪ ٿي ويو جيئن اڄ ماءُ جي پيٽ مان پيدا ٿيو آهي. ([2]) ٭ جنهن رمضان جا روزا رکيا ۽ ان کان بعد شوال ۾ 6 روزا رکيا ته اهو ائين آهي ڄڻ ان سڄي عمر روزا رکيا ٭ خليلِ ملت مفتي محمد خليل خان برڪاتي رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمائن ٿا: اهي روزا عيد کان پوءِ لڳاتار رکيا وڃن ته به حرج ناهي ۽ بهتر اهو آهي ته هر هفتي ۾ 2 روزا ۽ عيد جي ٻئي ڏينهن هڪ روزو رکي ۽ پوري مهيني جي دوران رکيا وڃن ته وڌيڪ مناسب آهي. ([3])