Eid Youm e Khair Khuwahi Hai

Book Name:Eid Youm e Khair Khuwahi Hai

میں رحمت،مغفرت، دوزخ سے آزادی کا سائِل ہوں

مہِ رمضان کے صدقے میں فرما دے کرم مولیٰ

بنا دے مجھ کو مُحَمَّد مصطفےٰ کا عاشِقِ صادِق

تُو دیدے سوزِ سینہ، کر عنایت چشمِ نَم مولیٰ

نہیں درکار وہ خوشیاں، جو غفلت کا بنیں ساماں

عطا  کر  اپنی  اُلْفَت  اپنے  پیارے  کا تُو غم مولیٰ ([1])

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

هڪ سخيءَ جي عيد

حضرت عبد الرحمٰن بن عمرو اوزاعي  رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ   فرمائن ٿا: عيد الفطر جي چنڊ رات هئي اوچتو اسان جي گهر جو دروازو کڙڪيو، ٻاهر وڃي ڏٺو ته منهنجو پاڙيسري بيٺو هو. مون پڇيو:  چئه ڀاءُ! ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟“ هن چيو: ”سڀاڻي عيد آهي، پر خرچ ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه به نه آهي، جيڪڏهن اوهان ڪجهه مدد ڪندا ته اسان عزت سان عيد جو ڏينهن گذاري سگهندا سين.“ حضرت عبد الرحمان   رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمائن  ٿا: مون عيد جي خرچ لاءِ 25 درهم (يعني چاندي جا سڪا) رکيا هئا، مون ايثار ڪيو ۽ پنهنجي لاءِ رکيل اها رقم پاڙيسري کي ڏئي ڇڏي. هو دعائون ڏيندو هليو ويو. ٿوري دير کان پوءِ ٻيهر ڪنهن دروازو کڙڪايو. مون جيئن ئي دروازو کوليو هڪ ماڻهو اڳتي وڌي اچي  منهنجن پيرن تي ڪري پيو ۽ روئي روئي چوڻ لڳو: مان اوهان جي والد جو ڀڄي ويل غلام آهيان، مون کي پنهنجي حرڪت تي شرمندگي محسوس ٿي ته حاضر ٿي ويو آهيان، هي 25 دينار (يعني سون جا سڪا) منهنجي ڪمائي جا آهن، اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو، قبول فرمايو! اوهان منهنجا آقا آهيو ۽ مان اوهان جو غلام آهيان. مون اهي دينار ورتا ۽ غلام کي آزاد ڪري ڇڏيم. پوءِ مون پنهنجي زال کي چيو: الله پاڪ جو شان ڏس! هن اسان کي درهمن (يعني چاندي جي سڪن) جي بدلي ۾ دينار (يعني سون جا سڪا) عطا فرمايا آهن. ([2])

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]...وسائلِ بخشش ،صفحہ:98 -99 ملتقطًا۔

[2]...فیضانِ رمضان ،صفحہ:311 بتغیر قلیل۔