Book Name:Eid Youm e Khair Khuwahi Hai
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ عيد جو ڏينهن آهي، خوشي جو ڏينهن آهي، اللہ پاڪ اسان کي هن مبارڪ ڏينهن جون برڪتون نصيب فرمائي. اللہ پاڪ اسان کي هي خوشي جو ڏينهن عطا فرمايو آهي، اڄوڪي ڏينهن يقيناً هر جائز طريقي سان خوشي ملهائي سگهون ٿا. سٺا ڪپڙا پائڻ، سٺو کاڌو کائڻ، پنهنجن عزيزن ۽ رشتيدارن سان ملڻ جُلڻ وغيرهه، هي سڀ خوشي ملهائڻ جا انداز آهن، پر حقيقي خوشي، اها خوشي آهي جيڪا دل ۾ گهر ڪري وڃي ۽ اسان جي دل کي مسرور ڪري ڇڏي اسان کي اها خوشي ملهائڻ کان به پوئتي نه رهڻ گهرجي.
اهڙي بهترين خوشي ڪهڙي آهي؟ اها خوشي جيڪا ڪنهن غريب، ڪنهن مسڪين، ڪنهن پريشان حال، ڪنهن ڏکايل جي دل خوش ڪرڻ سان حاصل ٿيندي آهي. جي ها! اها خوشي جيڪا ڪنهن ڏکايل جي دل خوش ڪرڻ سان ملندي آهي، اها سينو روشن ڪري ڇڏيندي آهي.
عيد جون خوشيون ٻِيڻيون ٿي ويون
حضرت خواجه سري سقطي رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ تمام وڏا وليءِ ڪامل آهن، پاڻ فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو عيد جو ڏينهن هو، مان عيد جي نماز پڙهي واپس اچي رهيو هئس ته مون پنهنجي وقت جي مشهور وليءِ ڪامل حضرت معروف ڪرخي رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ کي ڏٺو، انهن سان گڏ هڪ ٻار به هو جنهن جا وار وکريل هئا ۽ هو مسلسل روئي رهيو هو. مان اڳتي وڌيس، وليءِ ڪامل جي خدمت ۾ سلام عرض ڪيو ۽ پڇيو: يا سيدي! ڇا ٿيو آهي؟ هي ٻار ڇو روئي رهيو آهي؟ فرمايائون: هي هڪ يتيم ٻار آهي، هن جي والد جو انتقال ٿي ويو آهي، هن جو ڪو سهارو نه آهي، هڪ هنڌ ڪجهه ٻار گڏجي اخروٽ سان کيڏي رهيا هئا جيئن ته هن وٽ پئسا ناهن، هي اخروٽ نه ٿو خريد ڪري سگهي تنهنڪري هي پاسي تي بيٺو روئي رهيو هو ان ڪري مان هن کي پاڻ سان گڏ وٺي آيو آهيان.
حضرت سري سقطي رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمائن ٿا: مون عرض ڪيو: ”عالي جاہه! هي ٻار منهنجي حوالي ڪريو! مان هن جي سارَ سنڀال لهندس. حضرت معروف ڪرخي رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ اهو ٻار منهنجي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ دعا ڏيندي فرمايائون: چڱو! هن