Book Name:Eid Youm e Khair Khuwahi Hai
کي سنڀال! اللہ پاڪ هن نيڪ ڪم جي برڪت سان تنهنجي دل کي ايمان سان ڀري ڇڏي ۽ توکي پنهنجي راهه جي ظاهري ۽ باطني سڃاڻپ نصيب فرمائي.
فرمائن ٿا: مان ان ٻار کي ساڻ ڪري بازار ويس، ان کي نوان ڪپڙا وٺي ڏنا ان کي اخروٽ به خريد ڪري ڏنا هن عيد جو ڏينهن خوشي خوشي ٻين ٻارن سان کيڏندي گذاريو، جڏهن هو مون وٽ واپس موٽي آيو ته تمام گهڻو خوش هو، مون پڇيو: ٻڌاءِ! عيد جو ڏينهن ڪيئن گذريو؟ ٻار خوشيءَ مان وراڻيو: توهان منهنجي ٽٽل دل کي جوڙيو، الله پاڪ اوهان جي لاءِ پنهنجي معرفت جو رستو آسان فرمائي. حضرت سري سقطي رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمائن ٿا: ان ٻار جي اهڙي پياري دعا ٻڌي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ منهنجي عيد جون خوشيون ٻيڻيون ٿي ويون. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي ٽٽل دل کي جوڙڻ، ڪنهن ڏکايل جي دل ۾ خوشي داخل ڪرڻ جي ڳالهه ئي ڪجهه نرالي آهي، هن نيڪ عمل ڪرڻ سان جيڪا خوشي نصيب ٿيندي آهي، اها ڪٿان خريد نه ٿي ڪري سگهجي، هيءَ اها لاجواب خوشي آهي جيڪا وڏن وڏن محلن ۾ نه ملندي آهي، صرف ڪنهن غريب جو سهارو بڻجڻ سان ئي نصيب ٿيندي آهي. غور فرمايو! حضرت سري سقطي رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ نمازِ عيد پڙهي گهر ڏانهن واپس اچي رهيا هئا، رستي ۾ کين هيءَ لاجواب نيڪي ڪرڻ جو موقعو ملي ويو، ان جي برڪت سان اوهان کي وقت جي ڪامل ولي حضرت معروف ڪرخي رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ جي دعا نصيب ٿي ۽ قسمت چمڪي پئي، اللہ پاڪ ان دعا جي برڪت سان اوهان جي مٿان پنهنجي قرب جا دروازا کولي ڇڏيا ۽ اوهان بلند مقام تائين پهچي ويا. ڪاش! اسان کي به اهڙو موقعو ملي وڃي، اسان به عيد نماز پڙهڻ لاءِ آيا آهيون، واپس موٽڻ وقت توجهه رکون، ذهن ۾ پڪو ارادو ڪريون ته نماز عيد پڙهڻ کان پوءِ گهر پهچڻ کان اڳ وڌيڪ نه ته گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن هڪ غريب جي مدد ڪري گهر وينداسين، ڪهڙي خبر اسان جي ٿورڙي ڪوشش سان ڪنهن جي دل خوش ٿي وڃي، ڪهڙي خبر ڪنهن جي ٽٽل دل مان نڪرندڙ دعا اسان کي ملي وڃي ۽ ان جي برڪت سان اسان جو ٻيڙو پار ٿي وڃي.
ہو مرا کام غریبوں کی حمایت کرنا دردمندوں سے، ضعیفوں سے محبّت کرنا
میرے اللہ بُرائی سے بچانا مجھ کو نیک جو راہ ہو، اس راہ پہ چلانا مجھ کو