Jannat ke Qeemat

Book Name:Jannat ke Qeemat

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

جنتي محل جي قيمت

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                                       وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                       وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو،  ياد اچڻ تي اعتڪاف جي نيت ڪري وٺو، ڇوته جيستائين مسجد ۾ رهندؤ اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو۔ ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ يا سحري، افطاري ڪرڻ، ايستائين جو آبِ زم زم يا دَم ڪيل پاڻي پيئڻ جي به شرعاً اجازت ناهي، البت جيڪڏهن اعتڪاف جي نيت هوندي ته اهي سڀ شيون ضمناً جائز ٿي وينديون۔ اعتڪاف جي نيت به صرف کائڻ، پيئڻ يا سمهڻ جي لاءِ نه هئڻ گھرجي بلڪ ان جو مقصد الله تعاليٰ جي رِضا هجي۔ ”فتاويٰ شامي“ ۾ آهي: جيڪڏهن ڪو مسجد ۾ کائڻ پيئڻ يا سمهڻ چاهي ته اعتڪاف جي نيت ڪري ۽ ڪجھ دير ذِڪرُاللہ ڪري پوءِ جو چاهي ڪري (يعني هاڻي چاهي ته کائي پي يا سمهي سگھي ٿو.)

درود پاڪ جي فضيلت

حضرت سَيد محمود ڪردي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ارشاد فرمائن ٿا: منهنجي امڙ سائڻ مونکي ٻڌايو ته منهنجي والدِ ماجد (يعني حضرت سيد محمود ڪردي جا نانا سائين) جنهن جو نالو محمد هو انهن مون کي وَصِيت ڪئي هئي ته جڏهن منهنجو اِنتقال ٿي وڃي ۽ مون کي غُسل ڏنو وڃي ته ڇت تان منهنجي ڪفن تي هڪ سَبز رنگ جي چٺي ڪرندي جنهن ۾ لکيل هوندو؛ ھٰذِهٖ بَرَاءَ ۃُ مُحَمَّدِنِ العَالِمِ بِعِلْمِهٖ مِنَ النَّار يعني محمد جيڪو عالِم آهي ان کي علم جي سبب جهنم مان ڇوٽڪارو ملي ويو۔ ان چٺي کي منهنجي ڪفن ۾ رکي ڇڏجو۔ غُسل کان پوءِ هڪ چٺي ڪِري،