Book Name:Iman ke Salamti

کي سڄي عمر ۾ هڪ ڀيري درٻار جي حاضري جي اجازت هوندي آهي، اهي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي برڪت حاصل ڪرڻ لاءِ حاضري ڏيندا آهن۔ جيڪو ملائڪ هڪ ڀيرو حاضري ڏئي ويندو آهي، ان کي ٻيهر حاضري جو شرف ناهي ملندو، سڄي عمر ۾ صرف ڪجھ ڪلاڪ يعني اڌ ڏينهن جي حاضري نصيب ٿيندي آهي۔ (مفتي صاحب رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه حديثِ پاڪ جي هن حصّي ايستائين جو جڏهن زمين کُلندي ته حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ستَّر (70) هزار ملائڪن ۾ نڪرندا جيڪي حُضُورِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پهچائيندا۔جي وضاحت ۾ لکن ٿا:) يعني قيامت جي ان ڏينهن جي ڊيوٽي وارا ملائڪ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي جُھرمٽ ۾ وٺي ربّ ڪريم تائين گھوٽ جيان پهچائيندا۔ (مرآۃ المناجیح، ۸/۲۸۲تا ۲۸۳) 

امامِ عشق و مَحَبَّت، اعليٰ حضرت مولانا شاھ احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ”حدائقِ بخشش“ ۾ انهيء ڳالھ ڏانهن اِشارو ڪندي ڇا خُوب ارشاد فرمائن ٿا:

ستّر   ہزار   صُبْح   ہیں   سَتّر   ہزار   شام

یُوں بندَگیِ  زُلف  و  رُخ  آٹھوں   پہر   کی  ہے

(حدائق بخشش،ص۲۲۰)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيتون ڪري وٺون ٿيون. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) نيڪ ۽ جائز ڪم ۾ جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو