Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

وڇون جي ڏنگ جو ڦيڻو

بُخاري ۽  مسلم ۾ روايت آهي، جنهن جو خُلاصو ڪجھ هيئن آهي ته هڪ ڀيري 30 صحابي سڳورا عَلَيهمُ الرِّضْوَان سَفَر تي هئا، رستي ۾ هڪ هنڌ هڪ شخص اچي صحابي سڳورن عَلَيهمُ الرِّضْوَان کي عرض ڪيو: اسان جي سردار کي وڇونء ڏنگيو آهي، ڇا اوهان ڪجھ ڪري سگھو ٿا؟ هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمايو: ها! مان دم ڪندس۔ پوءِ اهو صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡه ان شخص سان گڏ ويو ۽ سورت فاتحه پڙھي مريض تي دم ڪيو، جنهن جي برڪت سان مريض ٺيڪ ٿي ويو.([1])

حضرت خارجه بن صَلۡتۡ رَضِىَ اللهُ عَنۡه پنهنجي چاچي سان روايت ڪن ٿا، هو فرمائن ٿا: مان رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضِر هئس، اتان واپسي تي مان هڪ قوم وٽان لنگھيس، انهن جو ڪو شخص مجنون (يعني پاگل) هو، جنهن کي انهن لوھ سان ٻڌي رکيو هو، انهن مون کي چيو: ڇا تون هن جو ڪجھ علاج ڪري سگھين ٿو؟ پوءِ مان 3 ڏينهن صبح ۽ شام سورت فاتحه پڙھي ان تي دَم ڪيو ته ان جي برڪت سان هو چريو شخص بلڪل ٺيڪ ٿي ويو۔([2])

دَم ڪرڻ جائِز آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! هن 2 واقعن مان معلوم ٿيو: قرآنِ ڪريم مان علاج ڪرڻ، قرآنِ شريف جون آيتون پڙهي دَم ڪرڻ، انهن کي لکي تعويذ بنائڻ وغيره بلڪل جائِز آهي۔ صحابي سڳورا عَلَيهمُ الرِّضْوَان به دَم ڪندا هئا، بلڪه خُود اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به دَم ڪندا هئا ۽ ٻين کي سيکاريندا به هئا۔ حبيبهء حبيبِ خُدا، اُمُّ المؤمنين حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنۡها فرمائن ٿيون: نبي رحمت، شفيعِ اُمَّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي حڪم ڏنو ته نظر لڳڻ جو دم ڪنديون ڪيو! ([3])


 

 



[1]...بخاری، کتابُ الاجارہ، صفحہ:585، حدیث:2276۔

[2]...معجم کبیر، جلد:7، صفحہ:89، حدیث:13944۔

[3]...بخاری، کتاب الطب، باب رقیۃ العین، صفحہ:1451، حدیث:5738۔