Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

فرمايا، انهن 104 صحيفن جا مضمون 4 وڏن آسماني ڪتابن تورات، زبور، انجيل ۽ قرآنِ ڪريم ۾ بيان فرمايا، پوءِ تورات، زبور ۽ انجيل جا سمورا عُلُوم قرآنِ مجيد ۾ بيان فرمايا ۽ پُوري قرآن شريف جا تمام عُلوم سورت فاتحه ۾ جمع فرمائي ڇڏيا، پَس جنهن سورت فاتحه جي تفسير کي سمجھي ورتو، ان ڄڻ تمام آسماني ڪتابن جو تفسير پڙھي ورتو۔ ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو ڪريو! سورت فاتحه ڪيتري جامع سُورت آهي، هن 7 مختصر آيتن ۾ ڪيترا عُلُوم گڏ ڪيا ويا آهن۔ ان ڪري ته مسلمانن جي چوٿين خليفي امير المؤمنين حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو فرمان آهي: جيڪڏهن مان چاهيان ته سورت فاتحه جي تفسير سان 70 اُٺ ڀري ڇڏيان۔([2])

سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ اُٺ ڪيترا مَڻ وزن کڻي ٿو ۽ هر مَڻ ۾ ڪيترا هزار اجزا هوندا آهن؟ هن جو حساب لڳايو وڃي ته هي اٽڪل 25 لک جِلدَ ٿيندا۔ هي فقط سورت فاتحه جو تفسير آهي، پوءِ باقي ڪلام عظيم جي تفسير کي شمار ڪرڻ ڏکيو آهي...!!([3])

سورت فاتحه جو هڪ مرڪزي مضمون

اي عاشقانِ رسول! حق ته هي آهي جو سورت فاتحه جي تمام عُلوم کي سمجھڻ، انهن کي بيان ڪرڻ اسان جھڙن جي وس جي ڳالھ نه آهي۔ البت عالم سڳورن خُوب غور و فِڪر ڪري، قرآن و حديث ۽ عِلمِ دين جا وڏا وڏا ڪتاب سامهون رکندي سورت فاتحه جو هڪ مرڪزي مضمون بيان ڪيو آهي، اهو ڇا آهي؟ اهو آهي: مُرَاقَبَةُ الْعِبَادِ لِرَبِّهمْ يعني ماڻهو جو پنهنجي رَبّ جي لاءِ مُرَاقَبو ڪرڻ۔([4]) هي سورت فاتحه جو مرڪزي مضمون آهي يا کڻي ايئن چئجي ته


 

 



[1]...شُعَبُ الایمان، باب فی تعظیم القرآن، جلد:2، صفحہ:451، حدیث:2371۔

[2]...قُوتُ القلوب، جلد:1، صفحہ:92۔

[3]...فتاوٰی رضویہ، جلد:22، صفحہ:619۔

[4]...نَظمُ الدُّرَرْ، جلد:1، صفحہ:21۔