Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen
بنيادي طَور تي سورت فاتحه ۾ جيڪا شيء اسان کي سيکاري وئي آهي، اها هي مُرَاقَبَو آهي۔
مُراقَبَه ڇا کي چئبو آهي...؟
مُرَاقَبَو هڪ تعلق جو نالو آهي، ٻانهي جو پنهنجي رَبّ سان نهايت مضبوط تعلق، ايترو مضبوط جو ٻانهي جي دِل، دماغ، ان جون سوچون، خيال ۽ مڪمل توجھ هر وقت الله پاڪ ڏانهن رهي، ٻانهي کي هر وقت هي يقين هجي ته منهنجو رَبّ مون کي ڏسي رهيو آهي، هو منهنجي ظاهري حال کي به ڄاڻي ٿو ۽ منهنجي باطن کي به ڄاڻي ٿو۔ هن کي مُرَاقَبَةُ الله چيو ويندو آهي.
امام قُشَيرِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مُراقبه جي هڪ مثال جي ذريعي وضاحت فرمائي آهي، فرمائن ٿا: هڪ بادشاھ هو، ان جا ڪجھ غُلام هئا، بادشاھ انهن مان هڪ غُلام سان خصوصي محبت ڪندو هو، بظاهر ان ۾ ڪا اهڙي خاص ڳالھ نه هئي، پوءِ به بادشاھ ان کي گھڻو پسند ڪندو هو، ٻين غُلامن کي هي ڳالھ نه وڻندي هئي، هڪ ڀيري انهن غُلامن همت ڪري بادشاھ سلامت جي خِدمت عرض پيش ڪندي چيو: بادشاھ سلامت! هن غُلام ۾ اهڙي ڪهڙي خاص ڳالھ آهي جو اوهان ان تي گھڻو مهربان آهيو؟ بادشاھ سوال جو جواب نه ڏنو بلڪ چيائين: اسان کي هڪ سَفر تي وڃڻو آهي، تياري ڪريو! اسان نڪري رهيا آهيون۔ گھوڙا تيار ڪيا ويا ۽ بادشاھ سلامت پنهنجي غُلامن کي ساڻ ڪري سفر تي روانو ٿي ويو، جابلو علائقن جو سَفَر هو، ڪجھ پري وڃي هڪ جبل نظر آيو، جيڪو برف سان ڍڪيل هو، بادشاھ سلامت پري کان ان جبل کي ڏٺو ۽ ڪنڌ جھڪائي ورتائين۔ جيئن ئي بادشاھ مٿو هيٺ ڪيو، اهو غلام جيڪو بادشاھ جو منظورِ نظر هو، ان گھوڙي کي ڊوڙائيندي اڳتي هليو ويو سڀئي حيران هئا ته آخر هن کي ڇا ٿيو؟ هي ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي؟ ٿوري دير کان بعد غُلام واپس موٽيو، ان جي هٿ ۾ برف هئي۔ بادشاھ پڇيو: تو هي برف ڇو