Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen
ٻاهرين مُلْڪ سوين مدارسُ المدينه بالغان لڳن ٿا، جن ۾ وڏي عُمر جي اسلامي ڀائرن کي دُرُست تجويد ۽ مخارج سان قرآنِ ڪريم پڙھايو ويندو آهي ۽ مختلف سنتون ۽ آداب سيکاريا ويندا آهن۔ اوهان به مدرسة المدينه بالغان ۾ جيڪڏهن پڙهائڻ جي اهليت رکو ٿا ته پڙهائڻ جي، نه ته پڙهڻ جي نيت ڪريو۔ اچو! ترغيب جي لاءِ مدني بهار ٻڌون ٿا!
دنياپور (ضلعو لوڌران، پنجاب پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي؛ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ اچڻ کان پهريان منهنجي عملي حالت انتهائي افسوسناڪ هئي، نماز روزي کان پري، فحاشي ۽ بدنگاهي جو شوقين ۽ ديني معلومات کان بلڪل خالي هئس۔ اسان جو پورو گھراڻو ئي فلمن، ڊرامن جو بيحد شوقين هو۔ منهنجي تاريڪ زندگي ۾ نيڪين جو صبح ان وقت اڀريو جو جڏهن اسان خانيوال شهر ۾ رهندا هئاسين ته هڪ ڏينهن دعوتِ اسلامي سان وابسته هڪ اسلامي ڀاء انفرادي ڪوشش ڪندي مون کي مدرسةُ المدينه بالغان ۾ تجويد و قرات جي مطابق قراٰنِ پاڪ پڙهڻ جو ذهن ڏنو، جيڪو جامع مسجد گلزارِ مدينه لوڪوشيڊ ۾ قائم هو۔ ان جي سمجھائڻ تي مون مدرسةُ المدينه بالغان ۾ داخلو ورتو ۽ پابندي سان شرڪت ڪرڻ لڳس۔ ان جي برڪت سان نماز روزو، وضو ۽ غسل وغيره جا مسئلا سکيا ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان ويجھو ٿيندو ويس، انهيء دوران اميرِاهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتْهمُ الْعَالِيه جا رسالا پڙهڻ سان فڪرِ آخرت جو ذهن مليو۔ جڏهن مان مڪمل طور تي ديني ماحول سان وابسته ٿي ويس ته گھر وارن تي به انفرادي ڪوشش شروع ڪئي۔ الله پاڪ جي ڪرم ۽ اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتْهمُ الْعَالِيه جي ڏنل گھر ۾ ديني ماحول بنائڻ وارا 15 مدني گلن تي عمل جي برڪت سان ان ۾ به انقلاب برپا ٿي ويو، گھر جا سمورا ڀاتي دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي ويا۔ اَلْحَمْدُلِله فلمن ڊرامن جو سلسلو پڻ بند ٿي ويو۔ سڀئي اميرِ