Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: توهان بستر تي سمهو ته سورت فاتحه ۽ سورت اِخلاص پڙھو! هن جي برڪت سان موت کان عِلاوه هر شيء کان محفوظ رهندؤ۔([1]) هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي، فرمايائون: جڏهن توهان مان ڪو شخص بستر تي ليٽي سورت فاتحه پڙھي ته الله پاڪ ان سان گڏ هڪ محافظ ملائڪ مقرر فرمائيندو ([2])
اي عاشقانِ رسول! سورت فاتحه جون صِرف 7 آيتون آهن، اسان روزانو نماز ۾ سورت فاتحه پڙھون ٿا، پُوري سورت فاتحه پڙهڻ ۾ صرف ڪجھ سيڪنڊ لڳن ٿا ۽ فضيلتون ڪيتريون؟ سُبْحٰن الله! هڪ ڀيرو سورت فاتحه پڙهڻ واري کي هر اکر تي 10 نيڪيون ملن ٿيون، هڪ ڀيرو سورت فاتحه پڙهڻ وارو اهڙو آهي جيئن ان هڪ ٽهائي قرآن جي تلاوت ڪئي، سمهڻ مهل هڪ ڀيرو سورت فاتحه پڙهڻ سان الله پاڪ هڪ محافظ فرشتو مقرر فرمائيندو آهي۔
الله پاڪ اسان کي سورت فاتحه بلڪه سڄي قرآنِ مجيد جي تلاوت جو شوق نصيب فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔
دے شوقِ تلاوت دے ذَوقِ عبادت رہوں بَاوُضو میں سَدا یاالٰہی([3])
عالم سڳورا فرمائن ٿا: سورت فاتحه سورت مُنَاجات آهي۔ مُنَاجَات جي معني آهي: آهسته سان ڳالهيون ڪرڻ، دُعا ۽ التجا ڪرڻ۔ جڏهن ٻانهو الله پاڪ جي بارگاھ ۾ هن طرح دُعا ڪري جيئن هو الله پاڪ سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ان کي مناجات چيو ويندو آهي۔
سورت فاتحه سورت مُنَاجات آهي، هن سورتِ پاڪ جي ابتدائي آيتن ۾ الله پاڪ جي حمد ۽ ثناء آهي، ان کان بعد ٻانهن جي طرفان دُعا گھري وئي آهي۔