Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

ان ملائڪ بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿي سلام عرض ڪيو، پوءِ چيائين: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان کي 2 نورن جي خوشخبري آهي، اوهان کان پهريان ڪنهن نبي عَلَيه السَّلام کي هي 2 نور عطا ناهن ڪيا ويا (1): انهن مان هڪ نور سورت فاتحه آهي (2): ۽ ٻيو نور سورت بقره جون آخري آيتون آهن، جيڪو شخص انهن (سورت فاتحه ۽ سورت بقره جي آخري آيتن) جي تلاوت ڪري، ان کي هر هر اکر تي خصوصي ثواب ڏنو ويندو۔ ([1])

حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: قرآنِ ڪريم کي جتان کان به پڙهيو وڃي، هر اکر تي 10 نيڪيون ملنديون آهن، پر سورت فاتحه ۽ سورت بقره جي آيتن کي پڙهڻ جي هي فضيلت آهي ته هر هر اکر تي 10 نيڪيون به ملن ٿيون ۽ ان کان علاوه خصوصي ثواب به عطا ڪيو ويندو آهي۔([2])

سورت فاتحه سورتِ رحمت آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: سورت فاتحه بلڪل رحمت جي سورت آهي، ان ڪري هن ۾ الله پاڪ جي قهر ۽ غضب ۽ دوزخ جي عذاب وغيره جو ذِڪر نه آهي۔([3]) بلڪ هن سورت ۾ اهي حروف به نه آيا آهن جيڪي جهنّم وغيره جي شروع ۾ ايندا آهن، جيئن ته سورت فاتحه ۾ 7 حروف نه آهن: (1): ث (2): جيم (3): خا (4): زا (5): شين (6): ظا (7): فا۔

(1):ثا؛ ثبور جو پهريون اکر آهي ۽ ثبور جهنّم جو هڪ نالو آهي (2): جيم؛ جَحيم جو پهريون اکر آهي، هي به جهنّم جو هڪ نالو آهي(3): خا؛ خَزۡي جو


 

 



[1]...مسلم، کتاب صلاۃ المسافرین، باب فضل الفاتحۃ، صفحہ:290، حدیث:806۔

[2]...مرآۃ المناجیح، جلد:3، صفحہ:232خلاصۃً۔

[3]...تفسیرِ نعیمی، پارہ:1، سورۂ فاتحہ، جلد:1، صفحہ:62۔