Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen
صراطِ مستقيم کان ورغلائي نه سگھن ۽ مان هميشه تنهنجي انعام يافته ٻانهن جي راهن تي هلندو رهان۔
پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! ترتيب جي اعتبار سان سورت فاتحه قرآنِ ڪريم جي پهرين سُورت آهي، هتان قرآنِ مجيد جي ابتدا ٿي رهي آهي ۽ ابتدا ئي ۾ اسان کي ڪيترو جامِع دَرس ڏنو ويو، ڄڻ هي قرآنِ مجيد جي پهرين تعليم آهي ته ٻانهو هر وقت پنهنجي رَبّ جي طرف مُتَوَجِّھ رهي، پنهنجي رَبّ سان پنهنجو تعلق مضبوط ڪري۔
لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان زِندگي جي هڪ هڪ گھڙي انهيء تَصَوُّر سان گذاريون ته مان ٻانهو آهيان، الله منهنجو رَبّ آهي، مان هر گھڙي پنهنجي رَبّ جو محتاج آهيان ۽ هو مون کي ڏسي رهيو آهي.
الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت عبد الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنۡهما کي نصيحت ڪندي فرمايو: اِحْفَظِ الله يحْفَظُڪ توهان الله کي نگاھ ۾ رکو، الله توهان جي حفاظت فرمائيندو۔ اِحْفَظِ اللهَ تَجِدْهُ تُجَاهَڪَ الله پاڪ کي نگاھ ۾ رکو، توهان هن کي پنهنجي سامهون ڏسندؤ۔([1])
حضرت علّامه مُلّا علي قاري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ لکن ٿا: يعني جنهن شيء جو الله پاڪ حڪم ڏنو آهي، ان تي عَمَل ڪريو، جنهن کان منع ڪيو آهي، ان کان پري رهو ته الله پاڪ دُنيا ۾ مصيبتن ۽ پريشانين کان، آخرت ۾ عذاب کان توهان جي حفاظت فرمائيندو۔ وڌيڪ فرمائن ٿا: جيڪو الله پاڪ جو ٿي ويندو آهي، الله پاڪ اُن جو ٿي ويندو آهي.([2])
الله پاڪ اسان سڀني کي نيڪي جي هدايت نصيب فرمائي، ڪاش! اسان