Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen
شريعت جو حڪم آهي ۽ هي شرعِي حڪم صحابي سڳورن عَلَيهمُ الرِّضْوَان سان ئي خاص هو، جيئن ته رحمت عالَم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُنيا مان ظاهري پردو فرمائي چڪا آهن، لهٰذا هاڻي ڪو به هن تي عَمَل نٿو ڪري سگھي۔
سُبْحٰن الله! صحابي سڳورن عَلَيهمُ الرِّضْوَان ڇا ته قسمت ماڻي هئي....! انهن کي ڪهڙي سعادت ميسر هئي..! صبح بيدار ٿيندا هئا ته آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ديدار ڪندا هئا، شام ٿيندي هئي ته رُخِ سرڪار (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي ديدار جو جام پيئندا هئا، عين حالتِ نماز ۾ به سرورِ عالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کي ياد ڪندا هئا ۽ صحابي سڳورا عَلَيهمُ الرِّضْوَان هٿ ٻڌي حاضِر ٿي خِدمت ڪندا هئا۔
اُن صحابہ کی خوش اطوار اداؤں کو سلام جن کا مسلک تھا طوافِ رُخِ زیبا کرنا
افسوس! هڪ اسان آهيون، اسان جي نصيب ۾ اها سعادت ڪٿي...!!
مگر کریں کیا نصیب میں تو یہ نامرادی کے دِن لکھے تھے
الله پاڪ تمام صحابه ڪرام ۽ اهلِ بيتِ اطهار عَلَيهمُ الرِّضْوَان تي ڪروڙين رحمتن جو نزول فرمائي۔ آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔
ہر صحابئ نبی جنتی جنتی ہر صحابئ نبی جنتی جنتی
چار یارِ نبی جنتی جنتی ابو بکر و عمربھی جنتی جنتی
عثمانِ غنی جنتی جنتی فاطمہ اور علی جنتی جنتی
حسن اور حسین بھی جنتی جنتی ہر صحابئ نبی جنتی جنتی
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
سورت فاتحه جي اَفضَل سورت هئڻ مان مراد
اي عاشقانِ رسول! بيان ڪيل ٻن حديثن مان هي به معلوم ٿيو ته سورت فاتحه قرآنِ ڪريم جي اَفضَل ترين سُورت آهي۔ هتي هي ڳالھ چڱي طرح ياد رکو ته سڄو قرآن الله پاڪ جو ڪلام آهي، هن حيثيت سان سڄو قرآن ئي