Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

هر نقص کان، هر عيب کان پاڪ آهي، خوبين وارو آهي، اهو ئي آهي جيڪو تمام جهانن جو پالڻهار آهي، پٿر ۾ سُرڻ واري بلڪل ننڍڙي جيت کي به اهو ئي رزق ڏي ٿو ۽ هاٿي جهڙي وڏي جانور کي به اهو ئي رزق عطا فرمائي ٿو، اهو ئي تمام جهانن جو رَبّ آهي، اهو رحمٰن به آهي، اهو رحيم به آهي ۽ اهو حقيقي رَبّ روزِ جزاء جو مالِڪ به آهي۔ هي آهي حقيقي رَبّ جي سڃاڻپ۔

(2): ٻانهي جو پاڻ کي سڃاڻڻ

ٻئي شيء جيڪا مراقبي جي لاءِ ضروري آهي، اها هي ته ٻانهو پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي، ڇوته جيڪو پاڻ کي نٿو سڃاڻي، هو پنهنجي مَن ۾ ئي مگن رهي ٿو۔ لهٰذا ٻانهو جيستائين پاڻ کي نه سڃاڻندو، ان وقت تائين هو الله پاڪ جي طرف مُتَوَجِّھ نه ٿي سگھندو۔

هاڻي ٻانهي جي سڃاڻپ ڪهڙي آهي؟ ٻانهي جي سڀ کان وڏي سڃاڻپ هي آهي ته ٻانهو عاجِز آهي، ڪمزور آهي، هيڻو آهي، محتاج آهي۔ اسان کي بک لڳي ٿي، لهٰذا اسان کاڌي جا محتاج آهيون، اسان کي اُڃ لڳي ٿي، اسان پاڻي جا محتاج آهيون، اسان ڏسڻ جي لاءِ اکين جا محتاج آهيون، ٻڌڻ جي لاءِ ڪنن جا محتاج آهيون، پڪڙڻ جي لاءِ هٿن جا محتاج آهيون، ڳالهائڻ جي لاءِ زبان جا محتاج آهيون، سوچڻو هجي ته دِل ۽ دماغ جا محتاج آهيون، مطلب اسان هر هر ڪم ۾، هر هر معاملي ۾ محتاج آهيون۔

جڏهن ٻانهو هي ڄاڻي وٺي ٿو ته مان هر وقت محتاج آهيان ۽ هي به ڄاڻي وٺي ٿو ته الله ئي رَبُّ العالمين آهي، تڏهن هو پنهنجي رَبّ جي حُضُور جھڪي ٿو ۽ عاجزي سان عرض ڪري ٿو:

اِیَّاكَ نَعْبُدُ وَ اِیَّاكَ نَسْتَعِیْنُؕ(۴) (پاره:1،سورت فاتحه:4)       

ترجموڪنزُالعرفان: اسان تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا.

ڏسو! ٻانهو پنهنجي رَبّ جي بارگاھ ۾ عرض گذار آهي: موليٰ! مان تون