Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen
اهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتْهمُ الْعَالِيه جي ذريعي سلسلهء عاليه قادريه رضويه ۾ داخل ٿي عطاري بڻجي چڪا آهن۔
عطا ہو شوق مولیٰ مدرَسے میں آنے جانے کا خدایا ذوق دے قراٰن پڑھنے کاپڑھانے کا
یہی ہے آرزو تعلیمِ قراٰں عام ہوجائے ہر اِک پرچم سے اونچا پرچمِ اسلام ہو جائے
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
2 فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشميصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): جنهن کي ڪنهن جنازي جي خبر ملي، اهو ميت جي گھر وارن وٽ وڃي انهن سان تعزيت ڪري، الله پاڪ ان جي لاءِ 1 قيراط ثواب لکندو، پوءِ جيڪڏهن جنازي سان وڃي ته الله پاڪ 2 قيراط اَجر لکندو، پوءِ اُن تي نماز پڙھي ته 3 قيراط، پوءِ دَفن ۾ حاضر ٿئي ته 4 ۽ هر قيراط ڪوه اُحد (يعني اُحد جبل) جي برابر آهي۔([2])(2): جڏهن ڪو جنّتي شخص فوت ٿي ويندو آهي ته الله پاڪ حياء ڪندو آهي ته انهن ماڻهن کي عذاب ڏئي جيڪي ان جو جنازو کڻي هليا ۽ جيڪي ان جي پٺيان هليا ۽ جن ان جي جنازي نماز ادا ڪئي۔([3])