Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen
هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي گھروارن مان ڪو بيمار ٿي پوندو هو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قرآنِ مجيد جي آخري 2 سورتون (سورت فلق ۽ سورت وَالنّاس) پڙھي دم ڪندا هئا۔([1])
هڪ ڀيري رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خِدمت ۾ مريض حاضِر ٿيو ته حضرت جبريلِ امين عَلَيه السَّلام ڪجھ ڪلمات پڙھي کين دم ڪيو۔([2])
سُبْحٰن الله! معلوم ٿيو؛ قرآني آيتون ۽ مُقَدَّس ڪلمات پڙھي دم ڪرڻ اسان جي آقا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي به سُنّت آهي، صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي به سُنّت آهي ۽ ملائڪن جي سردار حضرت جبريلِ امين عَلَيه السَّلام جي به سُنّت آهي۔ ها! ڪجھ حديثن ۾ تعويذ پائڻ کان منع ڪيو ويو آهي، هن مان مراد اهي تعويذ آهن، جيڪي ناجائِز لفظن تي مشتمل هجن جيڪي زمانهء جاهليت ۾ ڪيا ويندا هئا۔ هن کان عِلاوه قرآني آيتون، مُقَدَّس الفاظ، الله پاڪ جي مبارڪ نالن ۽ مختلف دُعائن جي ذريعي دَم ڪرڻ، ڪاغذ تي لکي يا لکرائي ڳلي ۾ وجھڻ بلڪل جائِز آهي۔([3])
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله! سڄو قرآن خاص ڪري سورت فاتحه ۾ هر مرض جي شِفَا آهي۔ اسان ڊاڪٽرن وٽ وڃون ٿا، حڪيمن، طبيبن کان عِلاج ڪرايون ٿا، جيڪڏهن هن ۾ ڪا خِلافِ شرع ڳالھ نه هجي ته هي عِلاج ڪرائڻ بلڪل جائِز آهي۔ البت اسان کي رُوحاني عِلاج جو به ذِهن بنائڻ گھرجي۔ الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مخلوق جي حمد کان