Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen
آندي آهي؟ چيائين: بادشاھ سلامت! اوهان هن برف واري جبل ڏانهن نهاريو، پوءِ مٿو جھڪايو، مون کي خبر آهي ته اوهان هروڀرو ايئن نه ڪندا آهيو، بَس مان سمجھي ويس ته بادشاھ سلامت کي برف کپي ٿي۔
هي ٻُڌي بادشاھ پنهنجي غُلامن کي مخاطب ڪري فرمايو: ڏسي وٺو! توهان سڀئي پنهنجي پنهنجي ڪمن ۾ مَصرُوف رهو ٿا، توهان جو ڌيان پاڻ ڏانهن رهي ٿو، پر هي منهنجو اهو غُلام آهي جنهن جو ڌيان هر وقت مون ڏانهن هوندو آهي، مان ڇا ڏسي رهيو آهيان، مان ڇا ڪري رهيو آهيان، منهنجي نظر ڪهڙي پاسي کڄي رهي آهي، هي ان تي تَوَجُّھ رکي ٿو، اهو ئي سبب جو مان ان کان گھڻي محبت ڪريان ٿو۔([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! اهو مُرَاقبو آهي * ٻانهي جو تَوَجُّھ هر وقت پنهنجي رَبّ جي طرف رهي * ٻانهو دُڪان تي آهي، تڏهن به ان جو تَوَجُّھ رَبّ جي طرف هجي * ٻانهو گھر ۾ آهي، تڏهن به ان جو توجھ رَبّ جي طرف هجي * ٻانهو مسجد ۾ هجي تڏهن به ان جو تَوَجُّھ رَبّ جي طرف هجي، مطلب هر وقت، هر حال ۾ ٻانهي جي تَوَجُّھ رَبّ جي طرف رهي، هي مراقبو آهي۔
سورت فاتحه ۽ مُرَاقبه جي تعليم
مراقبه جي لاءِ ٻن شين جي ضرورت (هوندي) آهي؛(1): ٻانهي جو پنهنجي رَبّ کي سڃاڻڻ (2): ٻانهي جو پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ۔
جنهن کي خبر ئي نه هجي ته منهنجو رَبّ ڪير آهي؟ ان جون صِفتون ڪهڙيون آهن؟ ان جو شان ڇا آهي؟ اهو ٻانهو ڀٽڪي ويندو آهي۔ يمن جو هڪ بادشاھ هو، ان کي الله پاڪ طاقت عطا فرمائي، قُوَّت بخشي، وڏي سلطنت عطا ڪئي، ان تي نعمتن جي برسات ٿي، هو پنهنجي فوج سان گڏجي علائقا فتح