Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

رڪوع، 7 آيتون، 27 ڪلما (يعني الفاظ) ۽ 140 اکر آهن۔ امام مجاهد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: سورت فاتحه مدينه منوره ۾ نازِل ٿي۔ هڪ قول هي آهي ته سورت فاتحه 2 ڀيرا نازِل ٿي، 1 ڀيري مڪي پاڪ ۾ ۽ 1 ڀيري مدينه منوره ۾۔([1])

شيطان دانهون ڪري رُنو

امام جلال الدين سيوطي شافعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه روايت بيان ڪندي لکن ٿا: ابليس (يعني شيطان) 4 ڀيرا دانهون ڪري رُنو هو (1): هڪ ڀيرو جڏهن ان تي لعنت وسي (2): ٻيو ڀيرو جڏهن ان کي زمين تي لاٿو ويو (3): ٽيون ڀيرو جڏهن الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نبوت جو اعلان فرمايو (4): ۽ چوٿون ڀيرو جڏهن سورت فاتحه نازِل ٿي۔ امام مجاهد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن سورت فاتحه نازِل ٿي ته ابليس (يعني شيطان) انتهائي مشقت ۾ پيو ۽ وڏيون دانهون ڪري، رڙيون ڪري رُنو هو۔([2])

سورت فاتحه عرش جي هيٺان هڪ خزاني مان آهي

مسلمانن جي چوٿين خليفي، امير المؤمنين حضرت علي المرتضي رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان سورت فاتحه جي باري ۾ سوال ٿيو ته فرمايائون: مون کي رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌايو ته سورت فاتحه عرش جي هيٺان هڪ خزاني مان نازِل ڪئي وئي آهي.([3])

سلطانُ المُفسرين حضرت عبد الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنۡهما فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن رسولِ رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تشريف فرما هئا، حضرت جبريلِ امين عَلَيه السَّلام به حاضِر خِدمت هئا، اوچتو آسمان مان هڪ آواز آيو، حضرت جبريلِ امين عَلَيه السَّلام آسمان ڏانهن نگاھ کڻي عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هي هڪ ملائڪ آهي جيڪو اڄ کان پهريان ڪڏهن زمين تي ناهي لٿو۔


 

 



[1]... تفسیر صراط الجنان، پارہ:1، سورۂ فاتحہ، جلد:1، صفحہ:37ملتقطاً ۔

[2]...تفسیر در منثور، پارہ:1، سورۂ فاتحہ، جلد:1، صفحہ:17۔

[3]... تفسیر در منثور، پارہ:1، سورۂ فاتحہ، جلد:1، صفحہ:16۔