Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: الله پاڪ فرمائي ٿو: ان نماز (يعني سورت فاتحه) کي منهنجي ۽ ٻانهي جي وچ ۾ اڌ اڌ  ڪري ورهايو ويو آهي، ٻانهو پڙھي ٿو:

اَلْحَمْدُ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَۙ(۱)  (پاره:1،سورت فاتحه:1)  

ترجمو ڪنزُ العرفان: سڀ تعريفون الله جي لاءِ آهن. جيڪو سڄي جهان جو پالڻهار آهي

ان جي جواب ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو: منهنجي ٻانهي منهنجي حمد بيان ڪئي۔ ٻانهو پڙهي ٿو:

الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْمِۙ(۲) (پاره:1،سورت فاتحه:2)        

ترجمو ڪنزُ العرفان: نهايت مهربان رحمت وارو

الله پاڪ فرمائي ٿو: منهنجي ٻانهي منهنجي ثناء بيان ڪئي۔ ٻانهو پڙهي ٿو:

مٰلِكِ یَوْمِ الدِّیْنِؕ(۳) (پاره:1،سورت فاتحه:3)

ترجمو ڪنزُ العرفان:  جزا جي ڏينهن جو مالڪ

الله پاڪ فرمائي ٿو: منهنجي ٻانهي منهنجي بزرگي بيان ڪئي۔ ٻانهو پڙهي ٿو:

اِیَّاكَ نَعْبُدُ وَ اِیَّاكَ نَسْتَعِیْنُؕ(۴) (پاره:1،سورت فاتحه:4)       

ترجموڪنزُ العرفان: اسان تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا.

الله پاڪ فرمائي ٿو: هي منهنجي ۽ منهنجي ٻانهي جي وچ ۾ برابر آهي (جيڪو ٻانهو الله پاڪ جي عبادت ڪري ٿو، الله پاڪ ان جي مدد ۽ نُصْرت فرمائي