Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

اي عاشقانِ رسول! حضرتِ سيدُنا مالِڪ بن اَنس رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي وفات بعد ڪنهن خواب ۾ ڏسي پڇيو: مَافَعَلَ اللهُ بِڪَ؟ يعني الله پاڪ اوهان سان ڪهڙو سلوڪ فرمايو؟ چيائين: هڪ جملي جي ڪري بخشي ڇڏيو جيڪو حضرتِ عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جنازو ڏسي چوندا هئا۔ (اهو جملو هي آهي:)سُبْحٰنَ الْحَيّ الَّذِيْ لَا يَمُوت لهٰذا مان به جنازو ڏسي هي چوندو هئس، هي جملو (چوڻ) سبب الله پاڪ مون کي بَخشي ڇڏيو آهي * جنازي نماز ۾ رضاءِ الٰهي، جنازي جي فرض جي ادائيگي، عبرت حاصل ڪرڻ، ميت ۽ ان جي عزيزن جي دلجوئي وغيره سٺين سٺين نيتن سان شرڪت ڪرڻ گھرجي * جنازي کي ڪلهو ڏيڻ ثواب جو ڪم آهي نبي رَحمت ، شفيع امت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرتِ سعد بن معاذ رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو جنازو کنيو هو * ننڍي ٻار جو جنازو جيڪڏهن هڪ شخص هٿ تي کڻي هلي ته حرج ناهي ۽ هڪ کان بعد ٻيو شخص هٿن ۾ کڻندو رهي * عورَتن کي (ٻار هجي يا وڏو ڪنهن جي به) جنازي سان گڏ وڃڻ ناجائز ۽ منع آهي* مڙس پنهنجي گھرواريءَ جي جنازي کي ڪلهو به ڏئي سگهي ٿو، قبر ۾ به لاهي سگهي ٿو ۽ منهن به ڏسي سگهي ٿو، صرف غسل ڏيڻ ۽ بنا رُڪاوٽ (مثال طور بغير ڪپڙي جي) جي جسم ڇهڻ منع آهي۔ * جنازي سان گڏ بلند آواز سان ڪلمو شريف يا ڪلمو شهادت يا حمد ۽ نعت وغيره پڙهڻ جائز آهي۔([1])

جنازہ آگے آگے کہہ رہا ہے اے جہاں والو!  مرے پیچھے چلے آؤ تمہارا رہنما میں ہوں

مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ”بهارِ شريعت“ جلد:3، حصو: 16 ۽ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو 91 صفحن جو رسالو ”550 سنتون ۽ آداب“ خريد ڪيو ۽ پڙھو، سنتون سکڻ جو هڪ ذريعو


 

 



[1]...550سنتیں اور آداب، صفحہ:80تا83،ملتقطاً۔