Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اسْتَجِیْبُوْا لِلّٰهِ وَ لِلرَّسُوْلِ اِذَا دَعَاكُمْ لِمَا یُحْیِیْكُمْۚ- (پاره:9،سورت انفال:24)
ترجموڪنزُالعرفان: اي ايمان وارؤ! الله ۽ ان جي رسول جي درٻار ۾ حاضر ٿي وڃو جڏهن هو توهان کي ان شيءِ جي لاءِ گهرائي جيڪا توهان کي زندگي بخشيندي آهي.
هي آيت تلاوت ڪرڻ کان بعد الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ڇا مان مسجد مان ٻاهر نڪرڻ کان پهريان پهريان توهان کي قرآنِ ڪريم جي سڀ کان عظمت واري سُورت نه سيکاريان؟ پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ منهنجو هٿ پڪڙيو، جڏهن مسجد مان ٻاهر وڃڻ لڳا ته مون عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان قرآنِ ڪريم جي سڀ کان عظمت واري سُورت سيکارڻ جو فرمايو هو۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: هائو! اَلْحَمْدُ لِله رَبِّ الْعٰلَمِيْن (يعني پُوري سورت فاتحه)، هي قرآن شريف جي سڀ کان عظمت واري سُورت آهي ۽ هي سَبۡع مَثاني (يعني بار بار پڙھي ويندڙ 7 آيتن واري سورت) آهي جيڪا مون کي عطا ڪئي وئي۔([1])
اهڙي ئي هڪ روايت حضرت اُبي بن ڪَعۡب رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان به مروي آهي، حضرت اُبي بن ڪعب رَضِىَ اللهُ عَنۡه هڪ ڏينهن نماز پڙھي رهيا هئا، پياري آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کين آواز ڏنو۔ پاڻ جيئن ته نماز پڙھي رهيا هئا، ان ڪري جواب نه ڏنائون، پوءِ جلدي ۾ نماز مڪمل ڪري بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿيا، پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اي اُبَي! توکي ڪهڙي شيء مون وٽ اچڻ کان روڪيو؟ عرض ڪيم: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مان نماز پڙھي رهيو هئس، ان ڪري حاضر نه ٿي سگھيس۔ فرمايائون: ڇا تو ڪلامِ اِلٰهي جي هيءَ آيت نه پڙھي آهي ته