Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

Book Name:Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

به گهر وارا، عزيز رشتيدار ۽ ڪجھ پاڙي وارا ئي اسان کي سڃاڻيندا هئا، هاڻي جڏهن اسان وڏا ٿي وياسين، هاڻي به اسان کي سڃاڻڻ وارا ماڻهو ٿورا آهن، ڪنهن جا سَون جي تعداد ۾ هوندا، ڪنهن جا هزارن يا لکن ۾ هوندا پر قربان وڃو! پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري پياري صحابه جو نرالو شان آهي، هي حضرات اڃان دنيا ۾ آيا به نه هئا، ان کان صديون پهريان انهن جا تذڪرا دنيا ۾ موجود هئا، ماڻهو انهن کي ڄاڻيندا به هئا، انهن جو ذڪرِ خير به ڪندا هئا ۽ هي ذڪر به ڪو عام ذڪر نه هو بلڪه الله پاڪ جي ڪلام ۾ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي ذڪرِ خير جي باقاعده تلاوت ڪئي ويندي هئي ۽ ماڻهو ثواب جي اميد تي انهن جو ذڪرِ خير ڪندا هئا.

الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

مُحَمَّدٌ  رَّسُوۡلُ اللّٰہِ ؕ وَ الَّذِیۡنَ مَعَہٗۤ اَشِدَّآءُ  عَلَی الۡکُفَّارِ  رُحَمَآءُ  بَیۡنَہُمۡ تَرٰىہُمۡ  رُکَّعًا سُجَّدًا یَّبۡتَغُوۡنَ  فَضۡلًا مِّنَ  اللّٰہِ  وَ رِضۡوَانًا ۫ سِیۡمَاہُمۡ  فِیۡ وُجُوۡہِہِمۡ  مِّنۡ  اَثَرِ السُّجُوۡدِ ؕ

(پارہ:26،سورۂ فتح:29)

ترجمو ڪنزالعرفان: محمد الله جا رسول آهن ۽ ان جا ساٿي ڪافرن تي سخت، پاڻ ۾ نرم دل آهن. تون انهن کي رڪوع ڪندي، سجدا ڪندي ڏسندين، الله جو فضل چاهن ٿا، ان جي علامت انهن جي چهرن ۾ سجدن جي نشان سان آهي.

هن آيت ڪريمه ۾ الله پاڪ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي سڃاڻپ ڪرائي آهي ته منهنجي محبوب جا صحابه ڪير آهن؟ هي اهي ماڻهو آهن (1): جيڪي ڪافرن تي نهايت ئي سخت آهن (2): پاڻ ۾ تمام گهڻو نرم دل آهن (3): هي ڪثرت سان نمازون پڙهندا آهن، ڪڏهن سجدا ڪندا آهن، ڪڏهن رڪوع ڪندا آهن (4): هي رياڪاري ناهن ڪندا، ڏيکاءُ جي لاءِ عبادت ناهن ڪندا بلڪه انهن جو مقصود صرف ۽ صرف الله پاڪ جو فضل ۽ ان جي رضا آهي (5): صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم