Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

Book Name:Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

هئي، بهرحال صحابيءِ رسول رَضِىَ اللهُ عَنْه جن جڏهن پڇيو ته قيامت ڪڏهن ايندي؟ ته) پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن انهن جو جواب ڏيڻ جي بدران فرمايو: وَمَاذَااَعْدَدْتَ لَہَا؟  توهان قيامت جي لاءِ ڇا تياري ڪئي آهي؟

(صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم يقيناً نمازون به پڙهندا هئا، تلاوت به ڪندا هئا، روزا به رکندا هئا، پاڻ ڪنهن نيڪيءَ تي ڀروسو نه ڪيائون، بلڪه) عرض ڪيائون: لَاشَیْءَ يعني يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مان ڪا تياري ته نه ڪري سگهيو آهيان.

(نمازون ته آهن، نيڪيون ته آهن پر ڀروسو نه آهي، الله پاڪ چاهي ته قبول فرمائي، نه چاهي ته قبول نه فرمائياِلّا اَنِّی اُحِبُّ اللہَ وَرَسُوْلَہٗ البته مون وٽ هڪ دولت آهي ۽ قيامت جي لاءِ مون وٽ هيءُ ئي هڪ سهارو آهي ۽ اها هيءَ آهي ته مان الله پاڪ ۽ ان جي پياري محبوب سان محبت ڪندو آهيان.

رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِهو ٻڌي فرمايو: اَنْتَ مَعَ مَنْ اَحْبَبْتَ يعني توهان جنهن سان محبت ڪيو ٿا، قيامت جي ڏينهن انهيءَ سان گڏ رهندؤ.

پوچھے گا مولیٰ لایا ہے کیا کیا؟                            میں  یہ  کہوں  گا،  نامِ محمد  (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ([1])

 حضرت انس بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان صحابيءِ رسول رَضِىَ اللهُ عَنْه کي جيڪا خوشخبري ٻڌائي، اسان کي ان خوشخبري سان جيتري خوشي ٿي، ايتري خوشي ڪنهن شيءِ سان نه ٿي هئي، وڌيڪ فرمائن ٿا:  فَاَنَا اُحِبُّ النَّبِیَّ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَسَلَّمْ وَ اَبَابَکْرٍ وَّ عُمَرَ وَاَرْجُوْ اَنْ اَکُوْنَ مَعَہُمْ بِحُبِّی اِیَّاہُم وَ اِن لَّمْ اَعْمَلْ بِمِثْلِ اَعْمَالِہِمْ يعني رسولِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن مون کان بلند مرتبي وارا آهن، مون وٽ حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جهڙيون نيڪيون به نه آهن، مون وٽ حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن جهڙا اعمال به نه آهن پر مان الله پاڪ جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت ڪندو آهيان، ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه سان به محبت


 

 



[1]... قبالۂ بخشش، صفحہ:135۔