Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

Book Name:Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

جي ذڪر سان سينگاريندا ڪريو! ([1])

ممڪن آهي ماڻهن جي ذهن ۾ هي تصور هجي ته 2، 4 سؤ يا 1 هزار جو ميڙ هجي ته انهيءَ کي مجلس چيو ويندو آهي، ايئن ناهي. مجلس جي معنٰي آهي: ويهڻ جي جڳھ. هڪ اڪيلو شخص ويٺو هجي، اِها به مجلس آهي، 2 ماڻهو ويٺا هجن، هي به مجلس آهي، 4 ماڻهو ويٺا هجن، هي به مجلس آهي، 500 ماڻهن جو اجتماع هجي يا 5 هزار جو، هي به مجلس ئي آهي. مطلب هي ٿيو ته * توهان چاهي اڪيلا ويٺا هجو، تڏهن به عُمر جو ذڪر ڪريو! * گهر وارن سان ويٺا هجو تڏهن به عُمر جو ذِڪر ڪريو!* دڪان تي ويٺا هجو تڏهن به عُمر جو ذِڪر ڪريو! * آفس ۾ ويٺا هجو تڏهن به عُمر جو ذِڪر ڪريو! * دوستن سان ويٺا هجو تڏهن به عُمر جو ذِڪر ڪريو!* دسترخوان تي هجو تڏهن به عُمر جو ذِڪر ڪريو! * جيڪڏهن ديني اجتماعن ۾ هجو تڏهن به عُمر جو ذِڪر ڪريو! مطلب ته! پنهنجي هر مجلس کي حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن جي ذِڪر سان سينگاريندا ڪريو!

پيارا اسلامي ڀائرو! اهڙي ئي هڪ حديث پاڪ دُرودِ پاڪ جي مُتعَلّق به آئي آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: زَیِّنُوْا مَجَالِسَکُمْ بِالصَّلَاۃِ عَلَیَّ پنهنجي مجلسن کي مون تي دُرود پڙهي ڪري سينگاريو! ([2]) تنهنڪري بهتر هي آهي ته گهر ۾، دڪان تي، آفس ۾، دوستن وٽ جڏهن به ويهو ته پنهنجي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ درودِ پاڪ عرض ڪريو ۽ انهيءَ درودِ پاڪ جي سلسلي ۾ ذڪرِ صحابه به شامل ڪريو، ذڪرِ اهلِ بيت به شامل ڪريو ۽ خاص طور خلفاءِ راشدين جو به ذڪر شامل ڪريو، هر مجلس ۾ دُرودِ پاڪ پڙهنداسين، ذڪرِ


 

 



[1]...  تاریخ دمشق ، جلد:44، صفحہ:380۔

[2]...  جامع صغیر، صفحہ:280، حدیث:4580۔