Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

Book Name:Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

وڃي ٿو* آسماني ڪتاب تورات شريف ۾ پاڻ جو نالو مَنۡطِقُ الۡحَقۡ (يعني حق جي ڳالھ ڪرڻ وارو) آهي*انجيل شريف ۾ سندن اسمِ گرامي ڪافي آهي*۽ جنّت ۾ سندن نالو مبارڪ سِراج هوندو. ([1])

حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن مڪي شريف ۾ پيدا ٿيا، هڪ روايت مطابق پاڻ 39 مردن کان بعد مسلمان ٿيا، ان ڪري کين مُتَمِّمُ الْاَرْبَعِین (يعني 40 جو عدد پورو ڪرڻ وارو) چيو وڃي ٿو. ([2]) الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن سندن اسلام آڻڻ جي لاءِ دعا فرمائي هئي، تنهنڪري پاڻ کي مرادِ رسول به چون ٿا. ([3]) سندن عدل ۽ انصاف بي مثال هو، ان ڪري اَعْدَلُ الْاَصْحَاب (يعني صحابه ۾ سڀني کان وڌيڪ عدل ڪرڻ وارا) سڏجڻ لڳا. ([4]) حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن 63 سال دنيا ۾ تشريف فرما رهيا*12 سالن تائين سُٺي انداز سان خلافت جا فرائض انجام ڏيندا رهيا ([5]) * سندن خلافت جو دور مسلمانن جي عروج جو سنهري دور هو* سندن اندازِ حڪومت* پاڻ جوعدل ۽ انصاف*پاڻ جو مبارڪ اخلاق ۽ ڪردار*خوفِ خدا*تقوٰي ۽ پرهيزگاري*عاجزي ۽ انڪساري*زُهد*رحم دلي وغيره قيامت تائين اچڻ وارن مسلمانن جي لاءِ بهترين زندگي گذارڻ جو نمونو آهي.

بہارِ باغِ ایماں حضرتِ فاروقِ اعظم ہیں               چراغِ بزمِ عِرفاں حضرت فاروقِ اعظم ہیں

رسول اللہ نے فاروق کو اللہ سے مانگا                 عطاءِ رَبِّ سُبحاں حضرت فاروقِ اعظم ہیں

نہ کیوں وہ ذات چمکے، جس نے دینِ پاک چمکایا               جہاں کے مہرِ تاباں حضرت فاروقِ اعظم ہیں ([6])


 

 



[1]...  الریاض النضرۃ، الباب الثانی، فی مناقب عمر بن خطاب، صفحہ:235۔

[2]...  معرفۃ الصحابۃ، باب الارقم بن ابی الارقم، جلد:1، صفحہ:293 ملتقطاً۔

[3]...  فیضان فاروق اعظم، جلد:1، صفحہ:54۔

[4]...  فیضان فاروق اعظم، جلد:1، صفحہ:51۔

[5]...  الریاض النضرۃ، الباب الثانی، فی مناقب عمر بن خطاب، صفحہ:357بتغیر قلیل۔

[6]...  دیوانِ سالک، صفحہ:73-74۔