Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

ته ان وقت اسان جي نيت الله پاڪ جي رِضا ۽ ثواب حاصل ڪرڻ هوندي آهي يا ڪا ٻي؟ اخلاقِ مصطفيٰ مان برڪتون ماڻڻ جي لاءِ اسان سيرتِ مصطفيٰ جو مطالعو ڪريون ته منهنجي ۽ اوهان جي شفيق ۽ مهربان آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رشتيدارن سان تعلقات ڪهڙا هئا؟ الله پاڪ اسان کي پنهنجي اسلاف جي طريقي تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

اخلاقِ حسنه(چڱا اخلاق) ٻه قسم جا آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي اعليٰ اخلاق جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين، اچو ! اخلاق جي باري ۾ ڄاڻون ٿا ته اخلاقِ حسنه يعني چڱا اخلاق ڪيترن قسمن جا هوندا آهن؟

عالم سڳورا فرمائن ٿا: اخلاقِ حسنه (يعني چڱا اخلاق) ٻه قسم جا آهن: هڪ حُسنِ اخلاق جو تعلق ٻانهي جو پنهنجي رب سان آهي ته ان جي عبادت خُوش دلي سان ڪري، فرض تي عمل ۽ ممنوع (يعني جن شين کان منع ڪيو ويو آهي اُنهن) کان مڪمل پرهيز ڪري۔ ٻانهي جو نمازن جي پابندي، ٻانهن جي حقن جي ادائيگي، زڪوٰة ڏيڻ، پنهنجي مال کي الله پاڪ جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ، دِين جي ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ، الله جي لاءِ محبت ڪرڻ ۽ الله جي لاءِ ڪنهن کان نفرت ڪرڻ، اهي سڀئي ڪم الله پاڪ سان حُسنِ اخلاق ۾ شامل آهن۔

۽ ٻيو حسنِ اخلاق ٻانهي جو رب جي ٻانهن سان هوندو آهي۔ جو انهن سان چڱي طريقي سان پيش اچي۔[1]

سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه حسنِ اخلاق جي انهن ٻنهي صورتن تي عمل پيرا نظر اچن ٿا، سندن پنهنجي رب سان حُسن اخلاق اهڙو هو جو سندن هر فعل ۾ الله پاڪ جي رضا جو لحاظ رهندو هو۔ سندن صحبت ۾ رات ڏينهن رهڻ وارا ۽ سندن خليفه ۽ شاگرد مَلِڪ العُلَمَاء حضرت علامه مولانا محمد ظفر


 

 



[1]... جامع العلوم والحکم،ص۸۹،دارالفکر،بیروت