Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

ته هو دانهون ڪرڻ لڳي ها۔

مولانا سردار احمد قادِري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي مولانا حامد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي حوصله افزائي محدثِ اعظم پاڪستان بڻائي ڇڏيو، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي حوصله افزائي مولانا امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي صَدرُ الشَّرِيعَه بڻائي ڇڏيو۔ امير اهل سنت،باني دعوتِ اسلاميدَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي حوصله افزائي مفتي فاروق عطاري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي مفتي دعوتِ اسلامي بڻائي ڇڏيو۔

اچو اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي اخلاقي وصفن مان هڪ وصف ٻين سان ڀلائي ڪرڻ ۽ پنهنجي ذات تي انهن کي مقدم رکڻ جي باري ۾ ٻڌون ٿا:

مسافر کي پنهنجي سَوَڙ عطا فرمائي

هڪ ڀيري اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي لاءِ نئي سوَڙ تيار ٿي آئي۔ ان کي اوڍيندي (استعمال ڪندي) اڃا ڪجھ ڏينهن ئي مس ٿيا هوندا جو هڪ رات مسجد ۾ ڪو مسافر اچي ويو، ان اعلي حضرت کي عرض ڪائين ته مون وٽ  ويڙهڻ جي لاءِ ڪجھ نه آهي، پاڻ اها نئي سوڙ ان مسافر کي عطا ڪري ڇڏي۔[1] اهڙي طرح جو هڪ ٻيو واقعو آهي ته

منهنجي خوشي انهيءَ ۾ آهي

هڪ صاحب تمام خوبصورت ڪمبل پارسل جي ذريعي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي بارگاھ ۾ موڪليو، صدرالشريعه مولانا امجد علي اعظمي لشریعہ  اس بارے مٰوراپنی ی رےلو دوسرے شہر اور ایک گاصاحب رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو بيان آهي ته جنهن وقت اهو پارسل بريلي پهتو، ان وقت مان به خدمت ۾حاضر هئس۔ جڏهن پارسل کوليو ويو ته ڪمبل نڪتو، اعلي حضرت ان کي ڏسي گھڻو خوش ٿيا ۽ جيترا ماڻهو ان وقت ڪاشانهءِ اقدس ۾ موجود هئا سڀني گھڻو پسند ڪيو ۽ گھڻي واکاڻ ڪئي، ۽ واقعي اهو ڪمبل هر حيثيت سان تعريف جي لائق هو، اعلي حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه سڀني جي اصرار تي ان کي


 

 



[1]... فیضان اعلی حضرت ص176 بحوالہ حیات اعلی حضرت ،ص 129