Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

هئا۔ (فيضانِ اعليٰ حضرت،ص۱۸۷ )

بيان جو خلاصو

پيارا اسلامي ڀائرو ! اوهان ٻڌو ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ڪيتري قدر حُسنِ اخلاق جا مالڪ هئا، سندن اخلاق ۾ نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اخلاقِ ڪريمه جي جھلڪ نظر ايندي هئي۔ سندن مال سان محبت الله پاڪ جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ جي ڪري هئي ۽ اولاد سان محبت صله رحمي جو سبب بڻجڻ جي ڪري هئي، پاڻ حسد نه ڪندا هئا، ڪنهن جي طرفان ٿيندڙ تعريف ۽ مذمت جي پرواھ نه ڪندا هئا، شاگردن تي شفقت ڪرڻ وارا، پنهنجي ماتحت جي حوصله افزائي فرمائڻ وارا ۽ پنهنجي ذات تي ٻين کي ترجيح ڏيڻ وارا هئا۔

اسان ٻڌو ته نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اخلاقِ ڪريمه جي تعريف قرآنِ ڪريم ۾ بيان ٿي، حُسنِ اخلاق ميزانِ عمل ۾ سڀ کان وڌيڪ وزني عمل ۽ ان جي بدولت انسان ڏينهن ۾ روزو رکڻ واري ۽ رات ۾ قيام ڪرڻ واري جو درجو ماڻيندو آهي۔ اسان ٻڌو ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن غريبن سان محبت جو ارشاد فرمايو۔ انهن جي ذريعي الله پاڪ رِزق ڏيندو آهي، جيڪو اڄ غريب جي قريب هوندو بروزِ قيامت الله پاڪ جي رحمت جي قريب هوندو۔ غريبن سان محبت انبياءِ ڪرام جي سُنّت آهي۔ اسان ٻڌو ته بسا اوقات پُرتڪلف دعوتون قطعِ رحمي جو سبب بڻجي وينديون آهن ۽ قطعِ رحمي گناھ ڪبيره، حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔ اهو اهڙو گناھ آهي جو جنهن جي سزا دنيا ۾ جلدي ملندي آهي ۽ آخرت ۾ عذاب به باقي رهندو آهي۔ قطعِ تعلق جي ڪري انسان الله پاڪ جي رحمت کان پري ٿي ويندو آهي۔

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیب!    صَلَّی اللهُ علٰی مُحَمَّد